صدر آصف علي زرداري پاران ڊي آءِ خان ۾ پوليس وين تي حملي ۾ جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊي آءِ خان ۾ پوليس وين تي حملي ۾ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قوم، پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي عزم آڏو بزدل دهشتگرد ڪڏهن ڪامياب نه ٿا ٿي سگهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي …

اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊي آءِ خان ۾ پوليس وين تي حملي ۾ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قوم، پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي عزم آڏو بزدل دهشتگرد ڪڏهن ڪامياب نه ٿا ٿي سگهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. صدر دهشتگردي جي خلاف سيڪيورٽي ادارن ۽ پوليس جي مسلسل قربانين ۽ عزم کي سلام پيش ڪيو.