اسلام آباد -03 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته خصوصي فرد معاشري جو اهم ۽ برابر حيثيت رکندڙ طبقو آهن، رياست ۽ معاشري جي ذميواري آهي ته معذور ماڻهن کي مڪمل شموليت ۽ باوقار زندگي جا موقعا فراهم ڪري. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سيد يوسف رضا گيلاني خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته معذوري …
خصوصي ماڻهن کي مڪمل شموليت ۽ باوقار زندگي جي موقعن جي فراهمي رياست ۽ معاشري جي ذميواري آهي: سينيٽ چيئرمين
اسلام آباد -03 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته خصوصي فرد معاشري جو اهم ۽ برابر حيثيت رکندڙ طبقو آهن، رياست ۽ معاشري جي ذميواري آهي ته معذور ماڻهن کي مڪمل شموليت ۽ باوقار زندگي جا موقعا فراهم ڪري. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سيد يوسف رضا گيلاني خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته معذوري صلاحيت جي گهٽتائي ناهي پر معاشرتي رڪاوٽون اصل مسئلو آهن. بنيادي سهولتن جي حاصلات هر شهري جو برابر جو حق آهي، تعليم، صحت، روزگار ۽ اسڪل ڊولپمينٽ تائين پهچ معذور ماڻهن جو بنيادي حق آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته خصوصي ماڻهن جي لاءِ پهچ جوڳي انفراسٽرڪچر ۽ خصوصي تعليم جي مرڪزن ۾ واڌ اڻٽر آهي، پارليامينٽ خصوصي ماڻهن جي حقن کي هٿي وٺائڻ ۽ قانون سازي ۾ اڳيان ڳيان آهي، خصوصي ماڻهو همٿ ۽ عزم سان ڪاميابي جا نوان مثال قائم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته معاشري کي خصوصي ماڻهن جي لاءِ معاون، محفوظ ۽ بااختيار ماحول فراهم ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. آگاهي مهمن ۾ شامل ٿيڻ معاشري جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.











