شهري، سرڪاري ۽ نجي ادارا، سول سوسائٽي ۽ عالمي حصيدار خصوصي ماڻهن جو خيال رکن: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري تعليم، ڪاروبار، سرڪاري خدمتن ۽ قومي ترقي ۾ خصوصي ماڻهن جي شرڪت کي پاڪستان جي مستقبل جي لاءِ انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته شهري، سرڪاري ۽ نجي ادارا، سول سوسائٽي ۽ عالمي حصيدار خصوصي ماڻهن جو خيال رکن ۽ انهن جي سڃاڻپ جو احترام ڪن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار …

اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري تعليم، ڪاروبار، سرڪاري خدمتن ۽ قومي ترقي ۾ خصوصي ماڻهن جي شرڪت کي پاڪستان جي مستقبل جي لاءِ انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته شهري، سرڪاري ۽ نجي ادارا، سول سوسائٽي ۽ عالمي حصيدار خصوصي ماڻهن جو خيال رکن ۽ انهن جي سڃاڻپ جو احترام ڪن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي آئون هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي قومي وابستگي جو ورجاءُ ڪريان ٿو ته اسان خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ وقار جي تحفظ ۽ قومي زندگي ۾ انهن جي مڪمل شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. صدر چيو ته پاڪستان حڪومت وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي ذريعي خصوصي ماڻهن جي لاءِ پهچ، تعليم، صحت، چرپر ۽ روزگار جا موقعا بهتر بڻائڻ جي لاءِ مسلسل قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته قومي سڃاڻپ ڪارڊ تي خصوصي لوگو، معذوري جا سرٽيفڪيٽس جاري ڪرڻ، سماجي تحفظ جي اسڪيمن تائين آسان پهچ ۽ بحالي ۽ ڪميونٽي جي سطح تي معاونت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ان ڳالهه جي علامت آهي ته اسان اهڙو معاشرو ٺاهڻ چاهيون ٿا جتي هر ماڻهو پنهنجي صلاحيت موجب اڳتي وڌي سگهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته منهنجو يقين آهي ته منصفاڻو معاشرو انهي وقت ممڪن آهي جڏهن اسان سڀني جي لاءِ پهچ جوڳو ماحول، مناسب انفراسٽرڪچر ۽ عوامي سهولتون موجود هجن. صدر چيو ته اها اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ته اسان انهن جسماني، سماجي ۽ روين ٻڌل رڪاوٽن کي ختم ڪريون جيڪي خصوصي ماڻهن جي بااختيار ۽ باعزت زندگي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿيون. هن چيو ته آئون شهرين، سرڪاري ۽ نجي ادارن، سول سوسائٽي ۽ عالمي حصيدارن کي چوڻ چاهيندس ته خصوصي ماڻهن جو خيال رکن ۽ انهن جي سڃاڻپ جو احترام ڪن. تعليم، ڪاروبار، سرڪاري خدمتن ۽ قومي ترقي ۾ انهن جي شرڪت پاڪستان جي مستقبل جي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته اچو گڏجي هڪ اهڙي پاڪستان جي لاءِ ڪم ڪريون جتي ڪو به پٺتي نه رهجي وڃي ۽ جتي خصوصي ماڻهن کي گڏيل قوت ۽ استقامت جو حصو سمجهيو وڃي. شموليت رڳو هڪ خيال نه هجي، پر اسان جي روزاني جي فيصلن ۽ عمل ۾ نظر ايندڙ حقيقت بڻجي. صدر چيو ته الله تعاليٰ اسان کي توفيق ڏي ته اسان هڪ اهڙو پاڪستان قائم ڪريون جيڪو هر ماڻهو جي لاءِ پهچ جوڳو ۽ شموليت رکندڙ هجي.