مملڪتي وزير طلال چوڌري پاران اتر وزيرستان ۾ دهشتگرد حملي جي شديد مذمت

اسلام اباد -02 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري اتر وزيرستان ۾ پيش آيل دهشتگردي واري واقعي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته هن افسوسناڪ حملي ۾ اتر وزيرستان جو اسسٽنٽ ڪمشنر شهيد ٿي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي سرڪاري اهلڪار ۽ واٽهڙو به شهيد ٿيا. پنهنجي ويڊيو بيان ۾ هن چيو ته خوارج لاڳيتو پاڙيسري ملڪ مان اچي پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروائيون …

اسلام اباد -02 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري اتر وزيرستان ۾ پيش آيل دهشتگردي واري واقعي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته هن افسوسناڪ حملي ۾ اتر وزيرستان جو اسسٽنٽ ڪمشنر شهيد ٿي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي سرڪاري اهلڪار ۽ واٽهڙو به شهيد ٿيا. پنهنجي ويڊيو بيان ۾ هن چيو ته خوارج لاڳيتو پاڙيسري ملڪ مان اچي پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروائيون ڪري رهيا آهن، جن کي اسان سڀني کي گڏ ٿي روڪڻو آهي. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ صرف حڪومت جي نه پر پوري قوم جي ذميواري آهي، ۽ هر شخص کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو اهي. طلال چوڌري ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سان سخت پڇاڻو ڪندي چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر جي شهادت تي وڃڻ ضروري هو يا اڊيالا جيل اچڻ ضروري هو؟ هن چيو ته موجوده وزيراعليٰ جي دور ۾ ڪيترائي دهشتگردي جي واقعي ٿي چڪا آهن پر هي خبر ناهي ته وزيراعليٰ اڃا تائين ڪيترن شهيدن جي گهرن ۾ تعزيت لاءِ ويو آهي.