اسلام آباد-02 ڊسمبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ميران شاهه روڊ تي اسسٽنٽ ڪمشنر جي قافلي تي دهشتگرداڻي حملي جي مذمت ڪندي ان ۾ شهادت ماڻيندڙ اسسٽنٽ ڪمشنر شاهه ولي سميت پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. پنهنجي هڪ پيغام هن، شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ هن چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر شاهه ولي ۽ پوليس اهلڪارن فرضن جي ادائيگي …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران ميران شاهه روڊ تي اسسٽنٽ ڪمشنر جي قافلي تي دهشتگرد حملي جي مذمت
اسلام آباد-02 ڊسمبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ميران شاهه روڊ تي اسسٽنٽ ڪمشنر جي قافلي تي دهشتگرداڻي حملي جي مذمت ڪندي ان ۾ شهادت ماڻيندڙ اسسٽنٽ ڪمشنر شاهه ولي سميت پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. پنهنجي هڪ پيغام هن، شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ هن چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر شاهه ولي ۽ پوليس اهلڪارن فرضن جي ادائيگي دوران عظيم قرباني ڏني، قوم پنهنجي بهادر شهيدن جي قربانين کي هميشه ياد رکندي. اسپيڪر سردار اياز صادق، الله تعاليٰ کان شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.











