اسلام آباد-02 ڊسمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي جڏهن ته جابلو علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ سموگ جڏهن ته صبح ۽ رات جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي کان وچولو ڪوهيڙو پوڻ جو …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو
اسلام آباد-02 ڊسمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي جڏهن ته جابلو علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ سموگ جڏهن ته صبح ۽ رات جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي کان وچولو ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسمياتي کاتي مطابق اسلام آباد، پوٽوهار خطي، ڪشمير ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ صبح جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌي رهي. جڏهن ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ڪجهه ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙو ڇائنيل رهيو. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد اسڪردو ۾ ڪاٽو 08، ليه، زيارت، قلات ۾ ڪاٽو 07، ڪوئيٽا، گلگت ۾ ڪاٽو 05، چترال، گوپس ۾ ڪاٽو 04، بابوسر ۽ دير ۾ ڪاٽو 03 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











