جنيوا -02 ڊسمبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته اميونائيزيشن ڪوريج کي وڌائڻ لاءِ موثر قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون، صحت جي شعبي ۾ بهتري اسان جي پهرين ترجيح آهي. اهڙو اظهار هن جنيوا ۾ گاوي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان ملاقات دوران ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گاوي بورڊ اجلاسن کان اڳ گڏيل حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي …
صحت بابت وفاقي وزير جي جنيوا ۾ گاوي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان ملاقات
جنيوا -02 ڊسمبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته اميونائيزيشن ڪوريج کي وڌائڻ لاءِ موثر قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون، صحت جي شعبي ۾ بهتري اسان جي پهرين ترجيح آهي. اهڙو اظهار هن جنيوا ۾ گاوي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان ملاقات دوران ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گاوي بورڊ اجلاسن کان اڳ گڏيل حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي اميونائيزيشن ترجيحن ۽ جاري تعاون تي ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي وزير گاوي سان مضبوط شراڪتداري کي ساراهيو. گاوي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر پاڪستان ۾ حفاظتي ٽڪن لاءِ جاري ڪوششن جي تعريف ڪندي پاڪستان ۾ ويڪسين ڪوريج وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن گاوي ۽ پاڪستان وچ ۾ مستقبل ۾ سهڪار تي اعتماد جو اظهار ڪيو.











