آبادي ۾ اضافي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ هر ماڻهو ۽ معاشري جي اجتماعي ذميواري آهي: چيئرمين رويت هلال ڪميٽي

اسلام آباد -02 ڊسمبر (اي پي پي) چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد آبادي ۾ واڌ جي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته آبادي ۾ واڌ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ هر فرد ۽ معاشري جي گڏيل ذميواري آهي. پاڪستان پاپوليشن سمٽ 2025ع کي خطاب ڪندي هن چيو ته مسجد، منبر ۽ محراب کان جيڪا ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، عوام ان کي اهميت …

اسلام آباد -02 ڊسمبر (اي پي پي) چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد آبادي ۾ واڌ جي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته آبادي ۾ واڌ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ هر فرد ۽ معاشري جي گڏيل ذميواري آهي. پاڪستان پاپوليشن سمٽ 2025ع کي خطاب ڪندي هن چيو ته مسجد، منبر ۽ محراب کان جيڪا ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، عوام ان کي اهميت ڏيندو آهي ۽ ان مان فائدو حاصل ڪري ٿو اهو ڪنهن ٻي ذريعي سان ممڪن ناهي، اسان پنهنجي مسجدن ۾ آواز اٿاريو آهي. هن چيو ته قومي، صوبائي سميت هر سطح تي آبادي تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ۽ ان تي عملدرآمد به ٿي رهيو آهي. هن چيو ته منبر ۽ محراب کان ان کي هيٺين سطح تائين وٺي وينداسين ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪري سگهجي. هن تجويز پيش ڪئي ته وڌندڙ مسئلن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ضروري آهي ته نوان شهر وسايا وڃن ۽ اتي روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن. هن پنهنجي 15 سالن جي وابستگي جو ذڪر ڪندي پاڪستان پاپوليشن ڪائونسل سان جاري خدمتن ۽ ڪوششن جي حوالي سان سمٽ کي آگاهه ڪيو.  هن چيو ته جڏهن عوام کي اهو سمجهايو ويو ته هڪ انسان جان بچائڻ پوري انسانيت جي جان بچائڻ برابر آهي ۽ ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو ته معاشري ان نيڪ مقصد کي نه صرف سمجهيو پر قبول به ڪيو.