پاڪستان خطي ۾ هڪ اسٽريٽجڪ حب طور اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: احسن اقبال

اسلام آباد -02 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪستان خطي ۾ هڪ اسٽريٽجڪ حب طور اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. جيڪو چين، وچ ايشيا، ڏکڻ ايشيا ۽ عالمي مارڪيٽن کي مربوط ڪري ٿو. پروفيسر احسن اقبال وچ ايشيا اقتصادي تعاون جي شروعات تي رٿيل تيانشان فورم ۾ خطي ۾ اقتصادي يڪجهتي ۽ رابطاڪاري کي هٿي …

اسلام آباد -02 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪستان خطي ۾ هڪ اسٽريٽجڪ حب طور اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. جيڪو چين، وچ ايشيا، ڏکڻ ايشيا ۽ عالمي مارڪيٽن کي مربوط ڪري ٿو. پروفيسر احسن اقبال وچ ايشيا اقتصادي تعاون جي شروعات تي رٿيل تيانشان فورم ۾ خطي ۾ اقتصادي يڪجهتي ۽ رابطاڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ چار اهم فريم ورڪ پيش ڪيا. هن ترقي تي ٻڌل تعاون ۽ گڏيل خوشحالي جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته رابطاڪاري ۽ اقتصادي انضمام، ريلوي، بندرگاهن ۽ ڊجيٽل واپاري نظام واري جوائنٽ ٽاسڪ فورس  کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ريجنل اسپيشل اڪنامڪ زونز صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ لاءِ، يوريشين انرجي ۽ گرين ٽرانزيشن  پارٽنرشپ تجديد جوڳي توانائي ۽ موسمياتي مضبوط بنيادي ڍانچي لاءِ بجلي جي مٽاسٽا ۾ تعاون، ڊجيٽل سلڪ روڊ ۽ فيوچر اسڪلز الائنس نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، جدت ۽ علم تي ٻڌل معيشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ آهن. پروفيسر احسن اقبال چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري خطي ۾ معاشي ۽ سماجي ترقي جا نوان موقعا فراهم ڪيا آهن، جن ۾ قومي گرڊ مان 8000 ميگاواٽ واڌ، 1000 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ جديد شاهراهن جي تعمير، گوادر پورٽ جي فعال ٿيڻ، اسپيشل اڪنامڪ زونز جي بنياد ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي قيام ۾ اهم ڪردار شامل آهي. هن چيو ته ڪاريڪ فريم ورڪ 11 ملڪن کي 6 اهم اقتصادي راهدارين، جديد سرحدي نظام ۽ واپاري سهولتڪاري ذريعي جوڙي ٿو، جنهن سان دنيا جي سڀ کان وڏي مربوط رابطڪاري نيٽ ورڪ جي جوڙجڪ ممڪن آهي. هن  زور ڀريو ته ايڪيهين صدي جا فيصلا جاگرافيائي بيهڪ کان وڌيڪ قومي حڪمت عملي تي ٻڌل هوندا. هن چيو ته رابطاڪاري کي ترجيح، تعاون کي انتشار تي فوقيت ۽ ڊگهي مدي واري ويزن کي مختصر مدي وارن مفادن ۾ ترجيح ڏيڻ سان پاڪستان ۽ خطي جا حصيدار مستحڪم ۽ خوشحال معيشت قائم ڪري سگهندا.