اسلام آباد-02 ڊسمبر(اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بنون جي ميران شاهه روڊ تي اسسٽنٽ ڪمشنر جي قافلي تي فتنه الخوارج جي حملي جي شديد مذمت ڪئي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي شهادت ماڻيندڙ اسسٽنٽ ڪمشنر شاه ولي ۽ 2 پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. گهرو وزير شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاران بنون ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي قافلي تي فتنه الخوارج جي حملي جي مذمت
اسلام آباد-02 ڊسمبر(اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بنون جي ميران شاهه روڊ تي اسسٽنٽ ڪمشنر جي قافلي تي فتنه الخوارج جي حملي جي شديد مذمت ڪئي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي شهادت ماڻيندڙ اسسٽنٽ ڪمشنر شاه ولي ۽ 2 پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. گهرو وزير شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر شاهه ولي ۽ ٻنهي پوليس اهلڪارن فرض جي ادائيگي دوران شهادت جو اعليٰ رتبو حاصل ڪيو. شهيد اسسٽنٽ ڪشمنر شاهه ولي ۽ ٻنهي پوليس اهلڪارن جي قربانين کي سلام آهي. محسن نقوي زخمي ٿيل 3 اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.











