اسلام آباد -02 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪينيڊا ويجها رابطا برقرار رکڻ، پائيدار، شفاف ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل واپاري تعاون لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت موجب وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان ڪينيڊا جي پاڪستان بابت هاءِ ڪمشنر طارق علي خان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وفاقي سيڪريٽڙي عائشه مورياڻي …
پاڪستان ۽ ڪينيڊا پاران ويجها رابطا برقرار رکڻ، پائيدار، شفاف ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل واپاري سهڪار لاءِ گڏيل طور ڪم جاري رکڻ تي اتفاق
اسلام آباد -02 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪينيڊا ويجها رابطا برقرار رکڻ، پائيدار، شفاف ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل واپاري تعاون لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت موجب وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان ڪينيڊا جي پاڪستان بابت هاءِ ڪمشنر طارق علي خان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وفاقي سيڪريٽڙي عائشه مورياڻي به موجود هئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ جي ايم ڪينولا جي واپار جي مختلف رخن، خاص ڪري هارمونائزڊ سسٽم (ايڇ ايس) ڪوڊز بابت پيچيدگين ۽ لاڳاپيل طريقيڪار ۾ بهتري جي ضرورت تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر کي خاطري ڪرائي ته وزارت سمورن امڪاني انتظامي دير کي گهٽ ۾ گهٽ ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ مستقبل ۾ جيڪي به پاليسيون جوڙيون وينديون يا موجوده پاليسين ۾ جيڪي به سڌارا ڪيا ويندا انهن جو بنيادي مقصد طريقيڪار کي آان بڻائڻ ۽ امپورٽ ڪندڙ ۽ ايڪسپورٽ ڪندڙن جي سهولت کي يقيني بڻائڻ هوندو. وفاقي وزير آگاهه ڪيو ته وزارت پنهنجو ڊجيٽل ڊيش بورڊ وڌيڪ بهتر بڻائي رهي آهي جنهن سان شفافيت، ڪارڪردگي ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز لاءِ ڪاروباري آساني ۾ اضافو ٿيندو. ملاقات ۾ وزارت جي فني ۽ ريگيوليٽري صلاحيت وڌائڻ لاءِ سگهه ۾ اضافي تي به ڳالهيون ٿيون ته جيئن موسمياتي واپار، زرعي جنسن ۽ بايو سيفٽي سان لاڳاپيل معاملن کي موثر طريقي سان منهن ڏئي سگهجي. ملاقات دوران ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر طارق علي خان پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ مضبوط ٻه طرفه لاڳاپن خاص ڪري زرعي ۽ غذائي شعبن ۾ واپاري موقعن کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن وزارت طرفان ريگيوليٽري طريقيڪار ۾ بهتري جي قدمن جي تعريف ڪئي ۽ پاڪستان سان مسلسل سهڪار جي خاطري ڪرائي. بنهي ڌرين ويجها رابطا برقرار رکڻ ۽ پائيدار، شفاف ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل واپاري سهڪار لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو.











