اسلام آباد-02 ڊسمبر(اي پي پي)پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ مائيڪرو بائيولاجيڪل ۽ زهريلن هٿيارن جي روڪٿام بابت ڪنوينشن براءِ حياتياتي ۽ زهريلن هٿيارن تي عملدرآمد بل 2024ع جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي. پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو. نائب وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مائيڪرو بائيولاجيڪل ۽ زهريلن هٿيارن جي روڪٿام …
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ مائيڪرو بائيولاجيڪل ۽ زهريلن هٿيارن جي روڪٿام بابت ڪنوينشن براءِ حياتياتي ۽ زهريلن هٿيارن تي عملدرآمد بل 2024ع اتفاق راءِ سان منظور
اسلام آباد-02 ڊسمبر(اي پي پي)پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ مائيڪرو بائيولاجيڪل ۽ زهريلن هٿيارن جي روڪٿام بابت ڪنوينشن براءِ حياتياتي ۽ زهريلن هٿيارن تي عملدرآمد بل 2024ع جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي. پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو. نائب وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مائيڪرو بائيولاجيڪل ۽ زهريلن هٿيارن جي روڪٿام بابت ڪنوينشن براءِ حياتياتي ۽ زهريلن هٿيارن تي عملدرآمد بل 2024ع پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي جيڪا اسپيڪر ايوان آڏو رکي. ايوان جي اتفاق راءِ سان منظوري بعد نائب وزير اعظم اسحاق ڊار شق وار منظوري ايوان ۾ پيش ڪئي جيڪا ايوان اتفاق راءِ سان منظور ڪئي.











