صدر آصف علي زرداري پاران اقليتن جي حقن بابت قومي ڪميشن 2025ع تي اٿاريل اعتراض ختم ڪيا ويا آهن: اسحاق ڊار

اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري پاران اقليتن جي حقن بابت قومي ڪميشن 2025ع تي اٿاريل اعتراض ختم ڪيا ويا آهن، اسان کي هر شيءَ کي سياست جي ور نه چاڙهڻ گهرجي. هو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. نائب وزيراعظم چيو ته هڪ اهڙو بل غور هيٺ هو …

اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري پاران اقليتن جي حقن بابت قومي ڪميشن 2025ع تي اٿاريل اعتراض ختم ڪيا ويا آهن، اسان کي هر شيءَ کي سياست جي ور نه چاڙهڻ گهرجي. هو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. نائب وزيراعظم چيو ته هڪ اهڙو بل غور هيٺ هو جيڪو ٻئي ايوان پاس ڪري چڪا هئا، جڏهن صدر وٽ ويو ته اتان اعتراضن سان گڏ بل واپس آيو ۽ ان کانپوءِ ٻيهر اهو بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ گهرايو ويو. هن چيو ته ايوان، وزارتون ڪجهه به نه آهن اسان جو سڀ ڪجهه حضور پاڪ ﷺ تي قربان آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ جي يو آءِ اقليتن جي حقن بابت قومي ڪميشن بل 2025ع تي جيڪي اعتراض اٿاريا اهي ختم ڪيا ويا آهن. هن آڇ ڪئي ته جيڪڏهن ڪنهن قانون کي بهتر ڪرڻو آهي ته اسان ان جي لاءِ به تيار آهيون. هن چيو ته حڪومتون اچڻيون وڃڻيون هونديون آهن، ڪنهن جي وراثت ناهن هونديون، اسان کي هر شيءَ کي سياست جي ور نه چاڙهڻ گهرجي، هتي اڄ به ناموس رسالت ﷺ جو نعرو هنيو ويو ۽ اپوزيشن وارا قيدي 804 جي آزادي جي نعري سان گڏ ايوان مان هليا ويا، اها روايت قوم ڏسي رهي آهي.