وزيراعظم پاران بنون ۾ دهشتگرد حملي ۾ اتر وزيرستان جي اسسٽنٽ ڪمشنر سميت 4 ڄڻن جي شهادت تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ۾ دهشتگرد حملي ۾ اتر وزيرستان جي اسسٽنٽ ڪمشنر سميت 4 ڄڻن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي واقعي جي جاچ ۽ تخريبڪارن کي فوري طور تي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي لاءِ مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر …

اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ۾ دهشتگرد حملي ۾ اتر وزيرستان جي اسسٽنٽ ڪمشنر سميت 4 ڄڻن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي واقعي جي جاچ ۽ تخريبڪارن کي فوري طور تي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي لاءِ مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ حوصلي جي دعا ڪئي. وزيراعظم زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته انسانيت جي دشمن دهشتگردن جي ڪڌي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏينداسين، حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي.