صدر آصف علي زرداري پاران گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ ڀائر عوام کي سندن قومي ڏينهن تي مبارڪُون

اسلام آباد-02 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ ڀائر عوام کي انهن جي قومي ڏينهن تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان پنهنجي تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري گڏيل عرب امارات …

اسلام آباد-02 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ ڀائر عوام کي انهن جي قومي ڏينهن تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان پنهنجي تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري گڏيل عرب امارات جي قومي ڏينهن تي پيغام ۾ صدر چيو ته پاڪستان کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته هن 1971ع ۾ گڏيل عرب امارات کي سڀ کان پهرين تسليم ڪيو، اسان جا لاڳاپا گڏيل ايمان، گڏيل اعتماد، نسل در نسل قائم گڏيل رشتن ۽ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل امنگن تي قائم آهن جيڪي وقت سان گڏ مضبوط ۽ گهرا ٿيندا ويا آهن. هن چيو ته اسان جي ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا منهنجي فيملي جي لاءِ پڻ اهميت رکن ٿا، اسان جي خاندان جي چئن نسلن جو گڏيل عرب امارات سان خصوصي تعلق رهيو آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ان جي باني قائدين سان ويجها لاڳاپا قائم ڪيا، بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي زندگي جا آخري ڏهاڙا گڏيل عرب امارات ۾ گذاريا. صدر آصف علي زرداري چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو مشڪل سالن ۾ گڏيل عرب امارات ۾ جلاوطني جا ڏينهن گذاريا، اڄ منهنجي ڌيءَ گڏيل عرب امارات کي پنهنجو گهر بڻائي چڪي آهي ۽ مون کي ڊگهي عرصي کان اماراتي شاهي قيادت سان گرمجوش ۽ مضبوط لاڳاپن جو اعزاز حاصل آهي، اهي سمورا رشتا اسان جي عوام جي وچ ۾ محبت ۽ اعتماد جي جهلڪ آهن. صدر چيو ته مون کي پورو يقين آهي ته واپار، سيڙپڪاري، سيڪيورٽي ۽ دفاع جي شعبن ۾ وڌندڙ تعاون اسان جي گڏيل مقصدن کي وڌيڪ اڳتي وڌائيندو. هن چيو ته امارات ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي اسان جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهم رابطي جو ذريعو آهي ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان ان شاندار حصيداري کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو خواهشمند آهي ۽ گڏيل عرب امارات جي لاءِ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ مسلسل دعاڳو آهي.