اسلام آباد-02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ آبادي ۾ تيزي سان واڌ کي ڳڻتي جو سبب قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي آبادي ۾ هر سال نيوزي لينڊ جي آبادي جي برابر اضافو ٿي رهيو آهي، وڌندڙ آبادي جي ڪري صحت، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ چئلينج پيدا ٿي رهيا آهن جڏهن ته معيشت ۽ بنيادي سهولتن تي به ان جو …
آبادي ۾ تيزي سان واڌ ڳڻتي جوڳي آهي، پاڪستان جي آبادي ۾ هر سال نيوزي لينڊ جي آبادي جي برابر اضافو ٿي رهيو آهي عطاءُ الله تارڙ
اسلام آباد-02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ آبادي ۾ تيزي سان واڌ کي ڳڻتي جو سبب قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي آبادي ۾ هر سال نيوزي لينڊ جي آبادي جي برابر اضافو ٿي رهيو آهي، وڌندڙ آبادي جي ڪري صحت، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ چئلينج پيدا ٿي رهيا آهن جڏهن ته معيشت ۽ بنيادي سهولتن تي به ان جو بار وڌي رهيو آهي، آبادي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ سماج جي هر طبقي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هتي هڪ مقامي هوٽل ۾ "دي پاڪستان پاپوليشن سمٽ” کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي اهو احساس ڪرڻو پوندو ته آبادي ۾ واڌ هڪ تمام سنگين مسئلو آهي. پاڪستان جي آبادي ۾ هر سال نيوزي لينڊ جي آبادي جي برابر واڌ ٿي رهي آهي. هن چيو ته آبادي ۾ اضافي سان ٻيا مسئلا به ڳنڍيل آهن. وفاقي وزير چيو ته ٻارن ۾ موت جي شرح وڌي رهي آهي. يونيسيف جي انگن اکرن موجب هڪ هزار مان پنجاهه ٻار فوت ٿي وڃن ٿا. هن چيو ته جڏهن نون ڄاول ٻارن، ماءُ ۽ ٻار جي سارسنڀال يا ڄم جي صحت جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته اسان ڪيتريون ئي قيمتي جانيون وڃائي ڇڏيون ٿا. هن چيو ته هن مسئلي جو هڪ ٻيو اهم رُخ اهو احساس به آهي ته آبادي ۾ واڌ پاڻ ۾ هڪ سنگين چئلينج آهي، وسيلن جو بحث پنهنجي جاءِ تي پر زندگي جو حق هڪ بنيادي انساني حق آهي جيڪو هن مسئلي سان متاثر ٿئي ٿو. جيڪڏهن آبادي جي مسئلي کي تسليم نه ڪيو وڃي ۽ ان جو احساس نه هُجي ته اهو هڪ وڏو الميو آهي. هن چيو ته اسان جي معاشري ۾ اڪثر ٻارن وارين مائرن جا مسئلا ٻئي درجي جي حيثيت اختيار ڪري وڃن ٿا ۽ آگاهي جي کوٽ سبب اهي نظرانداز ٿي وڃن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ هر طبقي جي گڏيل ذميواري آهي، عالمن، ميڊيا، حڪومت، وڪيلن ۽ صحافين سڀني کي ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته حق ۽ ذميواريون ٻئي سڌو سنئون هن مسئلي سان ڳنڍيل آهن. وڌندڙ آبادي ترقي جي رفتار کي سست ڪري سگهي ٿي جڏهن ته اها معيشت ۽ بنيادي سهولتن تي به بار وجهي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان جي خطي ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي شرح ٻين خطن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي، هي هڪ سماجي مسئلو آهي ۽ ان کي آگاهي وسيلي حل ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته آبادي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ ورڪنگ گروپ ٺاهڻ ضروري آهي ۽ وومين ڪاڪس جي پليٽ فارم کي استعمال ڪندي ايوان ۾ بحث وسيلي هِن مسئلي کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو. اطلاعات واري وزير چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو ان حوالي سان جو قدم ساراهه جوڳو آهي ۽ ترقي کي برقرار رکڻ لاءِ متوازن آبادي ضروري آهي.











