اسلام آباد -01 ڊسمبر (اي پي پي) قانون واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي، ته فيڊرل سروس ٽربيونل جون سموريون ڪيمپ آفيسون خاص ڪري ڪراچي ڪيمپ آفيس مڪمل طور فعال آهي ۽ مقرر ٿيل شيڊول موجب ڪم ڪري رهي آهي. ڪيمپ آفيس ڪراچي جي غيرفعال هئڻ بابت گردش ڪندڙ خبرون ۽ اطلاع بي بنياد آهن. قومي اسيمبلي ۾ هن ٻڌايو ته 2023ع ۽ 2024ع جا مختلف ڪيسز موجوده …
فيڊرل سروس ٽربيونل جا سمورا ڪيمپ آفيس مڪمل طور تي فعال آهن: بئريسٽر عقيل ملڪ
اسلام آباد -01 ڊسمبر (اي پي پي) قانون واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي، ته فيڊرل سروس ٽربيونل جون سموريون ڪيمپ آفيسون خاص ڪري ڪراچي ڪيمپ آفيس مڪمل طور فعال آهي ۽ مقرر ٿيل شيڊول موجب ڪم ڪري رهي آهي. ڪيمپ آفيس ڪراچي جي غيرفعال هئڻ بابت گردش ڪندڙ خبرون ۽ اطلاع بي بنياد آهن. قومي اسيمبلي ۾ هن ٻڌايو ته 2023ع ۽ 2024ع جا مختلف ڪيسز موجوده طريقيڪار تحت ڪيمپ آفيسز ۾ ٻڌجي رهيا آهن جڏهن ته اسلام آباد ۾ ٽربيونل جي مستقل آفيس موجود آهي. ڪيسن ۾ دير کان بچڻ لاءِ هفتيوار ۽ ٻن هفتن بعد ويڊيو لنڪ ذريعي به ٻڌڻي ڪئي وڃي ٿي. بئريسٽر عقيل ملڪ چيو ته ايف ايس ٽي ڪيمپ آفيس ڪراچي 5 مئي 2025ع کان 9 مئي 2025ع تائين باقاعدگي سان ڪم ڪيو. اهڙي طرح 14 مئي 2025ع کان 18 مئي 2025ع تائين به ڪيسز جي ٻڌڻي ٿي. ۽ اڄ جي تاريخ تائين دستياب سموري معلومات موجب ڊسمبر 2025ع ۾ به ڪيمپ آفيس ڪراچي فعال آهي. هن ان عزم جو به اظهار ڪيو ته فيڊرل سروس ٽربيونل ڪيسز جي وقت سر ٻڌڻي يقيني بڻائڻ ۽ غلط فهمين جي ازالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.











