اسلام آباد -01 ڊسمبر 25 (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪراچي جي سمورين بندرگاهن تي ڪارگو ڪليئرنس جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ تجويزن بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، لاڳاپيل عملدارن ڪميٽي کي جاري ۽ اڳتي جي قدمن تي بريفنگ ڏني. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي کي بندرگاهه جي آپريشن کي جديد بڻائڻ ۽ لاڳاپيل عمل کي …
اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪراچي جي سمورين بندرگاهن تي ڪارگو ڪليئرنس جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ تجويزن بابت ڪميٽي جو اجلاس
اسلام آباد -01 ڊسمبر 25 (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪراچي جي سمورين بندرگاهن تي ڪارگو ڪليئرنس جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ تجويزن بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، لاڳاپيل عملدارن ڪميٽي کي جاري ۽ اڳتي جي قدمن تي بريفنگ ڏني. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي کي بندرگاهه جي آپريشن کي جديد بڻائڻ ۽ لاڳاپيل عمل کي موثر بڻائڻ جي لاءِ جاري ۽ منصوبابندي قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. ان اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، سامونڊي معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري، ناڻي واري وزارت، نيشنل لاجسٽڪ سيل جي سينيئر آفيسرن کانسواءِ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي جي چيئرمين شرڪت ڪئي.











