سينيٽ پاران خطرناڪ حادثن بابت(ترميمي) بل 2024ع اتفاق راءِ سان منظور

اسلام آباد-01 ڊسمبر(اي پي پي) سينيٽ خطرناڪ حادثن بابت(ترميمي) بل 2024ع اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي. سومر ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ سنيٽر شهادت اعواڻ اهو بل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي. رٿ جي منظوري بعد هن اهو بل ايوان ۾ پيش ڪيو. سنيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ايوان مان ان بل جي شقوار منظوري ورتي. بعد ۾ …

اسلام آباد-01 ڊسمبر(اي پي پي) سينيٽ خطرناڪ حادثن بابت(ترميمي) بل 2024ع اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي. سومر ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ سنيٽر شهادت اعواڻ اهو بل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي. رٿ جي منظوري بعد هن اهو بل ايوان ۾ پيش ڪيو. سنيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ايوان مان ان بل جي شقوار منظوري ورتي. بعد ۾ ايوان اهو بل اتفاق راءِ سان منظور ڪيو.