جده-01 ڊسمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران جي معاملن واري وفاقي وزير انجينئر امير مقام، جده ۾ پاڪستان قونصليٽ جو دورو ڪيو جتي پاڪستاني برادري جي پاسپورٽ، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٻين مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سومر ڏينهن ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران جي معاملن واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق وفاقي وزير، لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته عوامي مسئلن جي فوري ۽ …
وفاقي وزير انجينئر امير مقام پاران جده ۾ پاڪستان قونصليٽ جو دورو
جده-01 ڊسمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران جي معاملن واري وفاقي وزير انجينئر امير مقام، جده ۾ پاڪستان قونصليٽ جو دورو ڪيو جتي پاڪستاني برادري جي پاسپورٽ، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٻين مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سومر ڏينهن ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران جي معاملن واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق وفاقي وزير، لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته عوامي مسئلن جي فوري ۽ اثرائتي حل کي يقيني بڻايو وڃي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ موجوده حڪومت پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين کي ملڪ جو قيمتي اثاثو سمجهي ٿي. هن چيو ته پرڏيهه ۾ محنت ڪندڙ پاڪستانين جي خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي، ان لاءِ انهن جي جائز مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ان موقعي تي قونصل جنرل خالد مجيد، وفاقي وزير کي بريفنگ ڏني ۽ قونصليٽ طرفان فراهم ڪيل خدمتن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي قاضي جميل سميت ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. ان موقعي تي سردار وقار عباسي(جده) ۽ حيات خان الدمام جي قيادت ۾ وفد، وفاقي وزير کي پاڪستاني برادري جي درپيش مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو.











