محفوظ ورڪ پليسز لاءِ قانون ۽ عوامي شموليت ٻئي ضروري آهن: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد -01 ڊسمبر (اي پي پي) هراسمينٽ خلاف وفاقي محتسب پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس جي سهڪار سان ورڪ پليس هراسمينٽ خاموشي ٽوڙيو جي عنوان سان هڪ موثر ۽ نمايان آرٽ نمائش جو بندوبست ڪيو ويو. نمائش جو مقصد فن ذريعي آگاهي پيدا ڪرڻ، ڳالهين کي هٿي ڏيڻ، جوابدهي وڌائڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ محفوظ ۽ باوقار ڪم جي هنڌن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ هو. تقريب ۾ 250 …

اسلام آباد -01 ڊسمبر (اي پي پي) هراسمينٽ خلاف وفاقي محتسب پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس جي سهڪار سان ورڪ پليس هراسمينٽ خاموشي ٽوڙيو جي عنوان سان هڪ موثر ۽ نمايان آرٽ نمائش جو بندوبست ڪيو ويو. نمائش جو مقصد فن ذريعي آگاهي پيدا ڪرڻ، ڳالهين کي هٿي ڏيڻ، جوابدهي وڌائڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ محفوظ ۽ باوقار ڪم جي هنڌن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ هو. تقريب ۾ 250 کان وڌيڪ تخليقون پيش ڪيون ويون جن ۾ هينڊ ميڊ پوسٽرز، ڊجيٽل آرٽ ۽ شارٽ ويڊيوز شامل هيون، اهي سمورا انٽريز فوسپا جي ملڪ گير آرٽ جي مقابلي ذريعي موصول ٿيا جن ۾ نوجوان فنڪارن، شاگردن ۽ پروفيشنلز هراسمينٽ جي مسئلي تي پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پنهنجا تجربا فن پارن جي صورت ۾ پيش ڪيا. تخليقن جو جائزو پي اين سي اي جي ججز صبا ضيا، نوشابه ناز ۽ ساره راڄپر ورتو. تقريب جو خاص مهمان قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ هو جنهن چيو ته محفوظ ورڪ پليسز لاءِ قانون ۽ عوامي شموليت ٻئي ضروري آهن.  هن فوسپا پاران سڄي ملڪ ۾ آگاهي جي ڪوششن کي ساراهيو. نمائش ۾ ليفٽيننٽ جنرل نگار جوهر، يو اين وومينٽ ڪنٽري ريپريزنٽيٽو جمشيد قاضي ۽ ڊي جي پي اين سي اي ايوب جمالي شريڪ ٿيا جن ان عزم جو اظهار ڪيو ته سمورا ادارا گڏجي حراسمينٽ جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. تقريب ۾ اعليٰ سرڪاري آفيسرن، سفارتڪارن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ميڊيا جي ماڻهن سميت نوجوان فنڪارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.