اسلام آباد -01 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس جي موقعي تي پارليامينٽ هائوس ۾ ڪوٺايل هڪ تقريب ۾ سينيٽ جي ميمبرن سان ڪيڪ ڪٽيو ۽ پارٽي قيادت، ڪارڪنن ۽ جيالن کي مبارڪون ڏنيون. ان موقعي تي هن خاص طور تي پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، صدر پاڪستان آصف علي زرداري ۽ چيئرمين پاڪستان …
پيپلز پارٽي جي تاريخ قرباني، جدوجهد ۽ عوامي خدمت تي ٻڌل آهي: يوسف رضا گيلاني
اسلام آباد -01 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس جي موقعي تي پارليامينٽ هائوس ۾ ڪوٺايل هڪ تقريب ۾ سينيٽ جي ميمبرن سان ڪيڪ ڪٽيو ۽ پارٽي قيادت، ڪارڪنن ۽ جيالن کي مبارڪون ڏنيون. ان موقعي تي هن خاص طور تي پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، صدر پاڪستان آصف علي زرداري ۽ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ ۽ قوم لاءِ سندن شاندار خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. ڪالهه سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي انقلابي ويزن سان رکيو جنهن کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي جدوجهد، قربانين ۽ جمهوريت لاءِ ثابت قدمي سان مضبوط بڻايو. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي تاريخ، قرباني، جدوجهد ۽ عوامي خدمتن تي ٻڌل آهي ۽ ان جي شهيدن جو مقام قوم جي دلين ۾ هميشه رهندو. سيد يوسف رضا گيلاني صدر آصف علي زرداري جي مفاهمتي ڪردار، آئيني سڌارن ۽ جمهوريت جي استحڪام لاءِ سندس خدمتن جو ذڪر ڪندي چيو ته هن ملڪي سياست کي استحڪام، جمهوريت کي هٿي وٺائڻ ۽ ادارن جي مضبوطي ڏانهن گامزن ڪيو. سينيٽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي متحرڪ، جديد ۽ نوجوانن لاءِ همٿائيندڙ قيادت کي به خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته بلاول ڀٽو پاڪستان جي نوجوانن کي نئون رخ، ۽ سياسي اعتماد ڏنو جيڪو پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پيپلز پارٽي عام عوام، مزدورن، پورهيتن، هارين، عورتن ۽ اقليتن جي نمائنده پارٽي اهي ۽ ان پارٽي قربانيون ڏئي جمهوريت کي هٿي وٺائي ۽ آئيني سڌارا پيش ڪيا. پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن جون لازوال قربانيون آهن ۽ هي ملڪ جي وحد سياسي پارٽي آهي جنهن جي ڪارڪنن ۽ جيالن سان گڏوگڏ ليڊرشپ به قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته اسان پنهنجي قيادت ۽ ڪارڪنن کي پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس جي موقعي تي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.











