اسلام آباد- 01 ڊسمبر (اي پي پي) پيٽروليم بابت وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته ترڪيه جي وفد جو دورو توانائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي نئون رخ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. انهن خيالن جو اظهار هن جمهوريه ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو سان ملاقات دوران ڪيو، ملاقات ۾ ترڪيه جي توانائي ۽ قدرتي وسيلن بابت وزير الپ ارسلان بائر اڪتار …
پيٽروليم بابت وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان ترڪيه جي وفد جي ملاقات
اسلام آباد- 01 ڊسمبر (اي پي پي) پيٽروليم بابت وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته ترڪيه جي وفد جو دورو توانائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي نئون رخ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. انهن خيالن جو اظهار هن جمهوريه ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو سان ملاقات دوران ڪيو، ملاقات ۾ ترڪيه جي توانائي ۽ قدرتي وسيلن بابت وزير الپ ارسلان بائر اڪتار جي قيادت ۾ پاڪستان مان آيل اعليٰ سطحي ترڪيه جي وفد جي تيارين کي قطعي شڪل ڏني وئي. ان موقعي تي پيٽروليم بابت سيڪريٽري مومن آغا ۽ او جي ڊي سي ايل جو ايم ڊي احمد حيات ملڪ به موجود هئا. پيٽروليم بابت وزير علي پرويز ملڪ چيو ته اسان ترڪيه جي وزير ۽ سندس ٽيم جي پاڪستان ۾ آجيان جا منتظر آهيون. ملاقات ۾ توانائي، پيٽروليم ۽ معدني شعبن ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وڌندڙ سهڪار جو جائزو ورتو ويو. ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو ته ترڪيه پاڪستان ۾ آف شور ۽ آن شور ايڪسپلوريشن سرگرمين ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي، جيڪو ٻه طرفي توانائي سهڪار ۾ اهم سنگ ميل آهي. ترڪيه جي سفير ٻڌايو ته ترڪيه ۾ هڪ نمايان معدنياتي ڪمپني به ايندڙ وفد جو حصو هوندي، جيڪا پاڪستان جي معدني ترقياتي شعبي ۾ ترڪيه جي دلچسپي کي ظاهر ڪري ٿي. وفاقي وزير ان اڳڀرائي کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي مشهور ايڪسپلوريشن ڪمپنين او جي ڊي سي ايل، پي پي ايل ۽ ماڙي انرجيز ترڪش پيٽرليم (ٽي پي اي او) سان شموليت اختيار ڪري ورتي آهي، جيڪو گڏيل منصوبن لاءِ نوان موقعا ۽ عالمي سطح تي سهڪار کي مضبوط ڪري رهيو آهي. ٻنهي اڳواڻن دورو ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ گڏيل خير سگالي کي موثر اقتصادي ۽ جديد شراڪتداري ۾ تبديل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











