جمهوريت ۽ پارليامينٽ خلاف هر سازش ناڪلام بڻائينداسين: اسپيڪر سردار اياز صادق

اسلام آباد-01 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پارليامينٽ جي بالادستي ۽ تحفظ جو واضح پيغام ڏيندي چيو آهي ته جمهوريت ۽ پارليامينٽ خلاف هر سازش ناڪام بڻائينداسين. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پارليامينٽ خلاف شرپسند عنصر هڪ ڀيرو ٻيهر متحرڪ ٿي ويا آهن ۽ پارليامينٽ کي قانونسازي ڪرڻ کان روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن، سال 2014ع ۾ ناڪامي بعد پارليامينٽ تي …

اسلام آباد-01 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پارليامينٽ جي بالادستي ۽ تحفظ جو واضح پيغام ڏيندي چيو آهي ته جمهوريت ۽ پارليامينٽ خلاف هر سازش ناڪام بڻائينداسين. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پارليامينٽ خلاف شرپسند عنصر هڪ ڀيرو ٻيهر متحرڪ ٿي ويا آهن ۽ پارليامينٽ کي قانونسازي ڪرڻ کان روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن، سال 2014ع ۾ ناڪامي بعد پارليامينٽ تي ٻيهر حملي جي ناڪام سازش آهي. هن چيو ته جمهوريت ۽ پارليامينٽ خلاف هر سازش ناڪام بڻائينداسين. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ خلاف سازش ڪندڙ ۽ آئين جي بالادستي جي ڳالهه ڪندڙ نام نهاد ليڊر پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسن، پارليامينٽ، آئين، قانون ۽ امن امان تي ڪو سمجهوتو نه ٿيندو، پارليامينٽ ۾ ويهي ڪري پارليامينٽ خلاف سازش ڪندڙ پاڪستاني رياست جا دشمن آهن، پارليامينٽ جي ڪسٽوڊين طور ان جو تحفظ منهنجي ذميواري آهي.