موسمياتي تبديلي ۽ آبادي ۾ اضافي جهڙن فوري ۽ اهم چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ضروري آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد -01 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته ملڪ جي حقيقي اقتصادي صلاحيت کي ڪتب آڻڻ لاءِ موسمياتي تبديلي ۽ آبادي ۾ اضافي جهڙن فوري ۽ اهم چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ضروري آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان پاپوليشن سمٽ 2025ع کي خطاب دوران چئي. ناڻي واري وزير ان موقعي تي وسيلن جي ترجيحي بنيادن تي ٻيهر ورهاست جي ضرورت تي به …

اسلام آباد -01 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته ملڪ جي حقيقي اقتصادي صلاحيت کي ڪتب آڻڻ لاءِ موسمياتي تبديلي ۽ آبادي ۾ اضافي جهڙن فوري ۽ اهم چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ضروري آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان پاپوليشن سمٽ 2025ع کي خطاب دوران چئي. ناڻي واري وزير ان موقعي تي وسيلن جي ترجيحي بنيادن تي ٻيهر ورهاست جي ضرورت تي به زور ڀريو. ته جيئن اهي شعبا جن ۾ سڀ کان وڌيڪ فوري ڌيان جي ضرورت آهي، انهن ۾ سيڙپڪاري ۽ قدمن کي ترجيح ڏئي سگهجي. هن چيو ته قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ تي آئينده ٿيندڙ ڳالهين تي اتفاق راءِ ذريعي طئي ڪنداسين ته جيئن سمورين ڌرين جي مفادن جو توازن برقرار رهي. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته ڪنٽري پارٽنرشپ پروگرام تحت ايشيائي ترقياتي بئنڪ ايندڙ 10 سالن دوران هر سال 2 ارب ڊالر فراهم ڪندي. هن ٻڌايو ته ان پروگرام جي ڇهن اهم ايجنڊا آئٽمز مان 4 موسمياتي تبديلي ۽ آبادي جهڙن ملڪي اهم مسئلن تي ڌيان آهي. هن چيو ته حڪومت جي ذميواري آهي ته اهڙا منصوبا ۽ قدم تيار ڪيا وڃن جيڪي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ اثرائتا ثابت ٿين. هن چيو ته پاڪستان جلد پنهنجو پهريون اسڪلز امپيڪٽ بانڊ شروع ڪندو، جنهن جو مقصد نوجوانن جي مهارتن کي بهتر بڻائڻ ۽ کين ملڪي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ آهي. هن چيو ته نوجوانن کي جديد مهارتن سان ليس ڪرڻ ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ نهايت ضروري آهي. هن ان موقعي تي چيو ته اسان کي فوري ۽ اثرائتن قدمن جي ضرورت آهي ته جيئن موسمياتي ۽ آبادي جي وڌندڙ دٻاءَ کي منهن ڏئي سگهجي ۽ ملڪ جي حقيقي اقتصادي صلاحيت کي ڪتب آڻي سگهجي. پاڪستان پاپوليشن سمٽ 2025ع ۾ مختلف حڪومتي کاتن، ماهرن، ترقياتي ادارن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن به شرڪت ڪئي. جتي آبادي، صحت، تعليم ۽ غذائيت جي شعبن ۾ مربوط حڪمت عملي تي ڳالهيون ڪيون ويون.