اسلام آباد- 01 ڊسمبر (اي پي پي)نيشنل لاجسٽڪس ڪارپوريشن (اين ايل سي) فوڊ ايگ 2025ع ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان جي زرعي روانگي واپار لاءِ جديد لاجسٽڪس حل متعارف ڪرايا. تفصيل مطابق فوڊ ايگ 2025ع ۾ اين ايل سي جي شرڪت جو مقصد پاڪستاني زرعي مصنوعات کي عالمي مارڪيٽن تائين وقت سر ۽ محفوظ طريقي سان پهچائڻ آهي. نمائش ۾ موجوده جديد لاجسٽڪس پليٽ فارم واپاري برادري لاءِ سهولت جو …
نيشنل لاجسٽڪس ڪارپوريشن طرفان فوڊ ايگ 2025ع ۾ شرڪت، پاڪستاني زرعي روانگي واپار لاءِ جديد لاجسٽڪس حل متعارف
اسلام آباد- 01 ڊسمبر (اي پي پي)نيشنل لاجسٽڪس ڪارپوريشن (اين ايل سي) فوڊ ايگ 2025ع ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان جي زرعي روانگي واپار لاءِ جديد لاجسٽڪس حل متعارف ڪرايا. تفصيل مطابق فوڊ ايگ 2025ع ۾ اين ايل سي جي شرڪت جو مقصد پاڪستاني زرعي مصنوعات کي عالمي مارڪيٽن تائين وقت سر ۽ محفوظ طريقي سان پهچائڻ آهي. نمائش ۾ موجوده جديد لاجسٽڪس پليٽ فارم واپاري برادري لاءِ سهولت جو سبب بڻجندو. اين ايل سي جي جديد ٽرانسپورٽ ۽ ڪولڊ چين سان فوڊ پراڊڪٽس عالمي معيار مطابق محفوظ رهندا. فوڊ ايگ 2025ع پاڪستان جي معاشي ترقي جي سفر ۾ اهم ڪردار ڪندو. اين ايل سي جي فوڊ ايگ ۾ موجودگي ڪاروباري دنيا لاءِ اعتماد، معيار ۽ تيز رفتار خدمتن جي ضامن آهي.











