اسلام آباد-01 ڊسمبر (اي پي پي) پنجاب جي علائقي تله گنگ مان افغان شهري جي گرفتاري ۽ اعترافي بيان هڪ وڏي افغان دهشتگرد نيٽ ورڪ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل مطابق تله گنگ مان گرفتار افغان دهشتگرد چيو ته منهنجو نالو قاسم عرف حسن آهي ۽ سندس والد جو نالو لال خان آهي، منهنجي قوم دلوذي ۽ مان افغانستان گرديز ولايت جو رهائشي آهيان، 10 سال پهريان ڪٽنب …
پاڪستان ۾ افغان شهري طرفان دهشتگردي ڦهلائڻ جو منظم نيٽ ورڪ بي نقاب
اسلام آباد-01 ڊسمبر (اي پي پي) پنجاب جي علائقي تله گنگ مان افغان شهري جي گرفتاري ۽ اعترافي بيان هڪ وڏي افغان دهشتگرد نيٽ ورڪ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل مطابق تله گنگ مان گرفتار افغان دهشتگرد چيو ته منهنجو نالو قاسم عرف حسن آهي ۽ سندس والد جو نالو لال خان آهي، منهنجي قوم دلوذي ۽ مان افغانستان گرديز ولايت جو رهائشي آهيان، 10 سال پهريان ڪٽنب سميت افغانستان مان لڪي مروت پاڪستان ۾ آيس. گرفتار دهشتگرد چيو ته اسان هتي وڏا ٿياسين، رزق ڪمايو ۽ هتي جي ماڻهن کان پيار مليو، سره درگه ۾ منهنجي 2025ع ۾ طالبان ڪمانڊر ارماني سان ملاقات ٿي. طالبان ڪمانڊر مون کي جهاد طرف دعوت ڏني ۽ مان ان ڪري شامل ٿيس، پهريون ڀيرو تنظيم ۾ 20 ڏينهن گذاريا ۽ ڪمانڊر ارماني مون کي فدائي ڪرڻ جو چيو، ڪمانڊر ارماني مون ۽ فاروق نالي ساٿي کي تاجوڙي ۾ فوجي قلعي تي فدائي ڪرڻ لاءِ ريڪي ڪرائي پر مناسب موقعو نه ملڻ تي اسان فوجي قلعي تي فدائي حملو نه ڪري سگهياسين، ڪجهه وقت کانپوءِ ڪمانڊر ارماني جي مشوري تي مان تنظيم ۾ واپس ويس، تنظيم ۾ ڪمانڊر ارماني مون کي نوان ماڻهو ڳولهڻ جو چيو، مان 5 ڄڻا ڪمانڊر ارماني جي حوالي ڪيا جن جي عيوض مون کي في ماڻهو 10 هزار روپيا مليا، ان کانپوءِ سيپٽمبر ۾ مان ڪمانڊر ارماني جي مشوري تي پنجاب ويس، پنجاب وڃڻ جو مقصد ڇوڪرا ڳولهڻ ۽ تنظيم ۾ شامل ڪرڻ هو. پنجاب ۾ ڪجهه ڏينهن گذارڻ کانپوءِ مون کي پوليس گرفتار ڪيو. گرفتار دهشتگرد جو اعترافي وڊيو پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ افغان سرزمين جي استعمال جو واضح ثبوت آهي. پاڪستان پهريان به دنيا آڏو دهشتگردي ۾ افغان سرزمين جي استعمال جون شاهديون پيش ڪري چڪو آهي.











