حج 2026ع جي موقعي تي 98 ڊاڪٽر ۽ 196 پيراميڊيڪل اسٽاف تي ٻڌل ميڊيڪل مشن حج پانڌيئڙن جي علاج جون خدمتون سرانجام ڏيندو

اسلام آباد -01 ڊسمبر (اي پي پي) حج 2026ع جي موقعي تي 98 ڊاڪٽرن ۽ 196 پيراميڊيڪل اسٽاف تي ٻڌل ميڊيڪل مشن حجاز مقدس ۾ حج پانڌيئڙن جي علاج جون خدمتون سرانجام ڏيندو. مذهبي معاملن واري وزارت طرفان ان سلسلي ۾ طلب ڪيل درخواستن جي آخري تاريخ 2 ڊسمبر مقرر ڪئي وئي آهي. طبي عملي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر جي حد 25 سال ۽ وڌ کان وڌ حد 55 …

اسلام آباد -01 ڊسمبر (اي پي پي) حج 2026ع جي موقعي تي 98 ڊاڪٽرن ۽ 196 پيراميڊيڪل اسٽاف تي ٻڌل ميڊيڪل مشن حجاز مقدس ۾ حج پانڌيئڙن جي علاج جون خدمتون سرانجام ڏيندو. مذهبي معاملن واري وزارت طرفان ان سلسلي ۾ طلب ڪيل درخواستن جي آخري تاريخ 2 ڊسمبر مقرر ڪئي وئي آهي. طبي عملي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر جي حد 25 سال ۽ وڌ کان وڌ حد 55 سال آهي. حج ميڊيڪل مشن لاءِ 98 ڊاڪٽرز ۽ فارماسسٽس ۽ 196 پيراميڊيڪل اسٽاف جي خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اميدوار کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال جو فٽنيس سرٽيفڪيٽ به جمع ڪرائڻو پوندو. اميدوارن جي اين ٽي ايس ذريعي چونڊ ڪئي ويندي. ميڊيڪل حج مشن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 3 سال سرڪاري ملازمت جو تجربو لازمي آهي. ريٽائرڊ اهلڪار ميڊيڪل حج مشن لاءِ درخواست ڏيڻ جا اهل نه هوندا. چونڊيل ماڻهو حج دوران سعودي عرب ۾ ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا. ميڊيڪل مشن جي مقرر وفاقي حڪومت جي پاليسي تحت هوندي. 30 سيڪڙو عورت ميڊيڪل اسٽاف لاءِ ڪوٽا مختص آهي. سعودي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي فوري واپس موڪليو ويندو.