گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاران پوليس گاڏي ويجهو آپگهاتي ڌماڪي جي شديد مذمت

اسلام آباد-01ڊسمبر(اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پوليس جي گاڏي ويجهو ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي شهادت ماڻيندڙ پوليس اهلڪار کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي. هن شهيد اهلڪار جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته فتنه الخوارج جون بزدلاڻيون ڪارروائيون دهشتگردي خلاف قوم جي پختي …

اسلام آباد-01ڊسمبر(اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پوليس جي گاڏي ويجهو ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي شهادت ماڻيندڙ پوليس اهلڪار کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي. هن شهيد اهلڪار جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته فتنه الخوارج جون بزدلاڻيون ڪارروائيون دهشتگردي خلاف قوم جي پختي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن. هن واضح ڪيو ته ڪي پي ڪي پوليس، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ لازوال قربانيون ڏنيون آهن ۽ اهي عظيم قربانيون ڪنهن صورت ضايع نه وينديون. وفاقي وزير چيو ته ملڪ دشمن عنصرن خلاف ڪارروائيون پوري قوت سان جاري رهنديون ۽ امن امان جي قيام لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.