اسلام آباد -01 ڊسمبر 25 (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ جمهوريه ڪرغزستان جي صدر جي پاڪستان جي دوري کان اڳ تيارين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اهم اجلاس ٿيو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب دوري دوران طئي ٿيل سمورن اهم ايجنڊا نقطن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ اعليٰ سطحي ملاقاتن جي لاءِ انتظامن جو معائنو ڪيو ويو. …
اسحاق ڊار جي صدارت ۾ جمهوريه ڪرغزستان جي صدر جي پاڪستان جي دوري کان اڳ تيارين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس
اسلام آباد -01 ڊسمبر 25 (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ جمهوريه ڪرغزستان جي صدر جي پاڪستان جي دوري کان اڳ تيارين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اهم اجلاس ٿيو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب دوري دوران طئي ٿيل سمورن اهم ايجنڊا نقطن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ اعليٰ سطحي ملاقاتن جي لاءِ انتظامن جو معائنو ڪيو ويو. اجلاس ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمتي يادداشتن (ايم او يوز) ۽ معاهدن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان رهيو. وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي سينيئر آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ بين الوزارتي تعاون ۽ اهم اهم دوري کي ڪامياب ۽ بامقصد بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











