وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاران ڊي آءِ خان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين

اسلام آباد- 01 ڊسمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، سيڪيورٽي فورسز کي ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڊي آءِ خان ۾ پاڪ سيڪيورٽي فورسز جي هڪ ڪامياب ڪارروائي دوران 22 دهشتگردن کي ماريو ويو. ملڪ دشمن عنصرن خلاف اها وڏي اڳڀرائي ان ڳالهه جو ثبوت آهي …

اسلام آباد- 01 ڊسمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، سيڪيورٽي فورسز کي ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڊي آءِ خان ۾ پاڪ سيڪيورٽي فورسز جي هڪ ڪامياب ڪارروائي دوران 22 دهشتگردن کي ماريو ويو. ملڪ دشمن عنصرن خلاف اها وڏي اڳڀرائي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان جي سرزمين تي دهشتگردي جي ڪا به گنجائش ناهي. هن چيو ته سلام آهي اسان جي جوانن کي جيڪي ڏينهن رات وطن جي تحفط لاءِ پنهنجي جان خطري ۾ وجهن ٿا. هن چيو ته انشاء الله پاڪستان امن، استحڪام ۽ ترقي جي سفر تي اڳتي وڌندو رهندو.