اسلام آباد- 30 نومبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري سان مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر احمد محمد عبدالعاطي ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن، اقتصادي تعاون، علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت چيو ته پاڪستان مصر سان پنهنجي پراڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل عقيدي ۽ گڏيل …
صدر آصف علي زرداري سان مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر احمد محمد عبدالعاطي جي ملاقات
اسلام آباد- 30 نومبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري سان مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر احمد محمد عبدالعاطي ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن، اقتصادي تعاون، علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت چيو ته پاڪستان مصر سان پنهنجي پراڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل عقيدي ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي قائم آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي گهرجي ته هو انهن لاڳاپن کي وڌيڪ منظم ۽ مستقبل تي ٻڌل تعاون ۾ تبديل ڪن. صدر آصف علي زرداري ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 77 سال مڪمل ٿيڻ جي روشني ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن توانائي، لاجسٽڪس، تعميرات،ز راعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ وڌندڙ موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ مصر لاءِ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ جي حوصلا افزائي ڪئي. مصر جي پرڏيهي وزير صدر مملڪت کي مصر جي صدر جو خصوصي پيغام پهچايو ۽ مختلف شعبن ۾ پاڪستان سان تعاون وڌائڻ جي مصر جي خواهش جو اظهار ڪيو. ڌرين علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. ان کان اڳ صدر مملڪت ۽ مصر جي پرڏيهي وزير وچ ۾ نوڪيلائي ۾ ملاقات پڻ ٿي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملا بحث هيٺ آيا. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، سينيٽر شيري رحمان، سيد نيئر حسين بخاري ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سميت پاڪستان ۾ مصر جو سفير ڊاڪٽر ايهاب محمد عبدالحميد حسن به موجود هئا.











