اسلام آباد- 30 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ واپاري ۽ معاشي رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نئين پاڪستان – مصر بزنس ڪائونسل قائم ڪئي ويندي ته جيئن ٻطرفي تعاون کي اداره جاتي شڪل ڏئي سگهجي ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل واپاري سرگرمين ۽ ڪاروباري رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي، مصري پرڏيهي وزير ڊاڪٽر …
پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ واپاري ۽ معاشي رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نئين پاڪستان – مصر بزنس ڪائونسل قائم ڪئي ويندي: اسحاق ڊار
اسلام آباد- 30 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ واپاري ۽ معاشي رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نئين پاڪستان – مصر بزنس ڪائونسل قائم ڪئي ويندي ته جيئن ٻطرفي تعاون کي اداره جاتي شڪل ڏئي سگهجي ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل واپاري سرگرمين ۽ ڪاروباري رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي، مصري پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر احمد محمد عبدالعاطي سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن ٻڌايو ته پاڪستان – مصر بزنس فورم به قائم ڪيو ويندو، جنهن جي گڏيل طور ٻئي پرڏيهي وزير سربراهي ڪندا، ان جو پهريون اجلاس 2026ع جي ٻي ٽه ماهي ۾ قاهره ۾ منعقد ٿيندو ته جيئن واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ وڌائي سگهجي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جا نمايان ڪاروباري ادارا ان فورمز ۾ شامل هوندا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير موجود ٻنهي ملڪن گڏيل واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بي ٽي بي سطح تي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجوده اٽڪل 300 ملين ڊالرن جو واپار انهن جي گڏيل لاڳاپن جي گهرائي موجب ناهي. اسحاق ڊار ٻڌايو ته پاڪستان طرفان مختلف شعبن جي نمائندگي ڪندڙ 250 ڪاروباري ادارن جي فهرست جوڙي ويندي جيڪي فيڊريشن آف پاڪستان، چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ لاڳاپيل چيمبرز جي مشاورت سان هڪ شفاف عمل ذريعي چونڊيا ويندا. انهن ڪاروباري ادارن کي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ سهولتون فراهم ڪيون وينديون ۽ بعد ۾ انهن جو مصر ۾ وائيٽ لسٽ ۾ داخلا ڪئي ويندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته بزنس ڪميونٽي لاءِ ويزا سهولت ۾ به بهتري آندي ويندي جڏهن ته 6 مهينن کانپوءِ 250 ادارن جي فهرست شامل ڪري مجموعي انگ 500 ڪيو ويندو. مصري پرڏيهي وزير پنهنجي پاران به ان قسم جي فهرست تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اسحاق ڊار چيو ته 2010ع کانپوءِ پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ گڏيل وزارتي اجلاس منعقد ناهي ٿيو، ان لاءِ ايندڙ سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزارت جي اعليٰ عملدارن وچ ۾ سياسي مشاورت جي اجلاس تي اتفاق ٿيو آهي. هن مصري پرڏيهي وزير طرفان پاڪستاني شاگردن لاءِ مذهبي تعليم جا اسڪالرشپس ٻيڻا ڪرڻ جي اعلان جي آجيان ڪئي. مصري پرڏيهي وزير پنهنجي بيان ۾ دهشتگرد حملن ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي پاڪستان حڪومت ۽ عوام سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪئي. هن چيو ته مصر ۽ پاڪستان ثقافت، مذهب ۽ پراڻي دوستي جي مضبوط رشتن ۾ ٻڌل آهن. ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکن ٿا. هن چيو ته ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري ترقي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ تي متفق ٿيا آهن ۽ پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن کي مصر ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني. مصري وزير ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطن جي واڌ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو.











