لاهور- 30 نومبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءَ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ملڪ دشمن ڌرين سان ڳٺ جوڙ بي نقاب ٿي چڪي آهي، خيبرپختونخوا حڪومت جون ڪمزوريون ۽ ڪوتاهيون مداخلت جا واقعا وڌڻ جو وڏو سبب آهن، گذريل 12 سالن ۾ خيبرپختونخوا ۾ موثر پراسيڪيوشن جو نظام قائم نه ٿي سگهيو، صوبي ۾ گذريل ٽن سالن دوران هزارين ڪيس التوا جو …
پي ٽي آءِ جي ملڪ دشمن ڌرين سان ڳٺ جوڙ بي نقاب ٿي چڪي آهي، خيبرپختونخوا حڪومت جون ڪمزوريون ۽ ڪوتاهيون مداخلت جا واقعا وڌڻ جو وڏو سبب آهن: عطاءَ الله تارڙ
لاهور- 30 نومبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءَ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ملڪ دشمن ڌرين سان ڳٺ جوڙ بي نقاب ٿي چڪي آهي، خيبرپختونخوا حڪومت جون ڪمزوريون ۽ ڪوتاهيون مداخلت جا واقعا وڌڻ جو وڏو سبب آهن، گذريل 12 سالن ۾ خيبرپختونخوا ۾ موثر پراسيڪيوشن جو نظام قائم نه ٿي سگهيو، صوبي ۾ گذريل ٽن سالن دوران هزارين ڪيس التوا جو شڪار آهن، جڏهن ته 4 هزار جي ويجهو ڪيسن ۾ اڃان تائين فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي اڊيالا جيل ٻاهران نعرا لڳائڻ ته اچڻ ٿا پر کيس ”پراسيڪيوشن“ جي اسپيلنگ جي خبر ناهي، ساڍا 12 سالن ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت نان ڪسٽم پيڊ گاڏين جي روڪٿام نه ڪري سگهي، نان ڪسٽم پيڊ گاڏين سبب قومي ناڻي کي اربين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، خيبرپختونخوا ۾ منشيات جي اسمگلنگ کي پروموٽ ڪيو وڃي ٿو، جنوري 2025ع کان آگسٽ 2025ع تائين صوبي ۾ 10 هزار کان وڌيڪ ڊرگ ٽريفڪنگ جا ڪيس رجسٽرڊ آهن، ڪي پي حڪومت جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي. ڪالهه هتي دهشتگردي خلاف خيبرپختونخوا حڪومت جي ڪوتاهين ۽ پي ٽي آءِ جي ملڪ مخالف طرز عمل تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ ۽ افواهن کي هٿي ڏيڻ جي منظم ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن جي پٺيان پي ٽي آءِ جو ملڪ مخالف رويو ۽ ان جون مبينه سازشون شامل آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو ملڪ دشمن ڌرين سان ڳٺ جوڙ کلي سامهون اچي چڪو آهي. هن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ڊي جي آءِ ايس پي آر سينئر ميڊيا نمائندن سان ملاقات ۾ دهشتگردي خلاف جاري قدمن تي تفصيلي روشني وڌي ۽ ٻڌايو ته دهشتگردن جو ڪهڙي طرح مقابلو ڪيو پيو وڃي، اسان جا جوان ۽ آفيسر پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري رهيا آهن ۽ افغانستان طرفان ٿيندڙ مداخلت کي روڪڻ لاءِ مسلسل ڪارروايون جاري آهن ۽ هي به ٻڌايو ته ڪهڙي طريقي سان بارڊر کي محفوظ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ضلعي انتظاميه ، صوبائي حڪومت ۽ سرحدي ضلعن جي ڪمزورين سبب ڪيترن ئي هنڌن تي مداخلت وڌي وڃي ٿي. هن چيو ته پاڪ فوج جا جوان ۽ آفيسر پنهنجي رت سان هن خال کي ڀري رهيا آهن جيڪي صوبائي حڪومت جي ڪوتاهين ۽ ڪمزورين سبب پيدا ٿين ٿا. هن چيو ته دهشتگردن کي مقامي علائقن ۾ پناهه ملي وڃڻ، مضبوط پراسيڪيوشن جو نظام نه هجڻ، گذريل سالن ۾ 4 هزار کان وڌيڪ ڪيسن جو رجسٽرڊ ٿيڻ ان ڳالهه جي نشاندهي آهي ته صوبي ۾ سزا ۽ فرد جرم لاڳو ٿيڻ جي شرح نه هئڻ برابر آهي. هن واضح ڪيو ته پراسيڪيوشن جو نظام مڪمل طور صوبائي حڪومت جي ماتحت هوندو آهي، صوبائي حڪومت ئي ان کي هلائيندي ۽ مضبوط ڪندي آهي. هن چيو ته خيبرپختونخوا جو وزيراعليٰ اڊيالا ٻاهران نعرا لڳائيندي ۽ جتي جي ماپ ڏيندي تصوير صاف ڪرائڻ ته اچي ٿو پر کيس پراسيڪيوشن جي اسپيلنگ نٿي اچي. هن چيو ته هي سراسري پراسيڪيوشن جي ناڪامي آهي ته هڪ صوبائي حڪومت ساڍا 12 سالن ۾ موثر پراسيڪيوشن نظام قائم نه ڪري سگهي ۽ نه ئي دهشتگردي جي ڪيسن ۾ سزا ڏيارڻ جو ڪو مضبوط ٺاهي سگهي. هن چيو ته اسان جون فورسز پنهنجون جانيون قربان ڪري جيڪي ڪاميابيون حاصل ڪن ٿيون، جن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويندو آهي ۽ جن خلاف ڪيس تيار ٿيندا آهن، انهن کي اڳتي وڌائڻ ۽ انجام تائين پهچائڻ جي قانوني صلاحيت صوبائي حڪومت وٽ موجود ئي ناهي. عطاءَ الله تارڙ چيو ته گذريل ٽن سالن کان هزارين ڪيس التوا هيٺ آهن جڏهن ته 4 هزار کان وڌيڪ ڪيسن ۾ فرد جرم تائين به لاڳو نه ٿي سگهيو، جيڪا انتهائي افسوسناڪ صورتحال آهي. هن چيو ته نه ليگل رفارمز ڪيون ويون، نه پراسيڪيوشن جي نظام کي بهتر بڻايو ويو، ان جو سبب پوليٽيڪل ٽيرر ڪرائم نيڪسس آهي، سياسي ماڻهن جو ڪرمنلز ۽ دهشتگردن سان ڳٺ جوڙ سڌارا ڪرڻ نٿو ڏي. وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخوا دنيا جو اڪيلو صوبو آهي جتي هزارن جي انگ ۾ نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون هلن ٿيون، جتي جي ايڊمنسٽريشن ان ڳالهه جي اجازت ڏي ٿي ته گاڏي تي نان ڪسٽم پيڊ جي پليٽ لڳايو، ساڍا 12 سالن ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت نان ڪسٽم پيڊ گاڏين جو ازالو نه ڪري سگهي ان جي پٺيان سياستدانن جو ڏوهارين، ڪرمنلز ۽ دهشتگردن سان ڳٺ جوڙ آهي، هن چيو ته اڄ کان ڪجهه سال اڳ بشام ۾ هڪ حساس واقعو پيش آيو جنهن ۾ استعمال ٿيل گاڏي نان ڪسٽم پيڊ هئي، هن چيو ته نان ڪسٽم پيڊ گاڏين کي چيڪ ڪرڻ ڇا فوج جو ڪم آهي؟ اهو صوبائي حڪومت جو ڪم آهي. هن چيو ته خيبرپختونخوا جي حڪومت ناڪام آهي ۽ ان جي پرفارمنس ٻڙي آهي، ڇاڪاڻ ته اتي هڪ پوليٽيڪل ٽيرر ڪرائم نيڪسس موجود آهي. عطاءَ الله تارڙ چيو ته خيبرپختونخوا ۾ منشيات جي اسمگلنگ ۽ واپار صوبائي حڪومت جي نگراني ۾ ٿيندو آهي، وزيراعليٰ ۽ سندس ماڻهو ان ۾ ملوث آهن، ساڍا 12 سالن ۾ اها ڪنهن جي ذميواري هئي ته منشيات جو پئسو دهشتگردي ۾ استعمال ٿئي ٿو ان کي ڪير روڪي؟ هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ منشيات جي اسمگلنگ کي هٿي ڏني پئي وڃي، اهي دهشتگردن کي سزائون نٿا ڏيارين. جنوري 2025ع کان آگسٽ 2025ع دوران صوبي ۾ ڊرگ ٽريفڪ جا 10 هزار کان وڌيڪ ڪيسن مان صرف 689 ڪيسن ۾ سزا ٿي آهي، هن چيو ته جڏهن ايڏي وڏي انگ ۾ ڊرگ ڪارٽل اتي موجود هئي ۽ صوبائي حڪومت کي ان جي خبر هجي ۽ هو ڪو ايڪشن نه کڻي سگهي ته ان جو مطلب آهي ته اتي پوليٽيڪل ٽيرر ڪرائم نيڪسس موجود آهي. وفاقي وزير چيو ته خيبرپختوخوا ۾ جبل ڪٽي پٿر ۽ ماربل ڪڍيو پيو وڃي، مائنز جا غير قانوني ٺيڪا ڏنا ويا آهن، انهن جو اثر ماحوليات تي به پئجي رهيو آهي. جبل خالي ٿي رهيا آهن ۽ هنن پنهنجي ماڻهن کي ٺيڪا ڏنا آهن. عطاءَ الله تارڙ چيو ته موجوده حڪومتي دور ۾ ايف بي آر ۾ سڌارا ٿيا، ورلڊ بئنڪ جي سطح تي وفاقي حڪومت جي پذيرائي ٿي، ايف بي آر ٽيڪس جمع ڪري رهيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف سڌارن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي جڏهن ته ٻئي طرف خيبرپختونخوا جي حڪومت جبل ڪٽن، دهشتگردي، ڊرگ مافيا، ٽمبر مافيا ۽ ٽوبيڪو مافيا کي هٿي ڏئي رهي آهي. هن چيو ته هي ساليانو 2300 ارب روپين جو ٽيڪس کائي وڃن ٿا، ان تي ڪو به ڳالهه نه ڪندو. وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون رجسٽرڊ ٿين ته 800 ارب روپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي جيڪو قومي خزاني ۾ اچي سگهي ٿو، جيڪڏهن ٽوبيڪو مافيا ٽيڪس ڏيڻ شروع ڪري ته 500 ارب روپين جو ٽيڪس صرف انهن کان حاصل ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ سمورو پئسو دهشتگردي ۾ استعمال ٿي رهيو آهي، خيبرپختونخوا ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ سياسي ماڻهن جا کيسا ڀريا وڃن ٿا ۽ هو دهشتگردن کي پناهه ڏين ٿا ته جيئن انهن جو غير قانوني ڪاروبار هلندو رهي ۽ پئسو ايندو رهي. هن چيو ته دهشتگرد فوج، پوليس ۽ اسڪولن تي حملا ته ڪن ٿا پر ڇا اوهان ڪڏهن ڏٺو آهي ته ڪو دهشتگرد انهن تي حملا نٿو ڪري جن ڊرگ جي ٽريڊ شروع ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته اتان کان پئسو اچي ٿو، ڪو دهشتگرد ٽمبر مافيا تي حملو نٿو ڪري. وفاقي وزير چيو ته جڏهن افغانستان مان مداخلت ٿي ته پاڪ فوج ان جو ڀرپور طريقي سان کين شڪست ڏني، هي پوسٽون ۽ هٿيار ڇڏي ڀڄي ويا، پي ٽي آءِ جي حڪومت کي ان ڳالهه جو ڏک آهي، هي اڄ به افغانستان جي حمايت ۾ انهن جي ترجمان بڻيل آهن. وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد عدالت حملي ۾ افغانستان پوري ريت ملوث آهي، افغان خودڪش بمبار ۽ ان جي سهولتڪارن جي افغانستان ۾ ٽريننگ ٿي پر صوبائي حڪومت ۽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير طرفان مذمت جو هڪ بيان به سامهون نه آيو، هو جڏهن ڳالهائي ٿو ته هميشه سندن حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته اسلام آباد ڌماڪي کان فوري پوءِ محمود خان اچڪزئي اسيمبلي ۾ بيهي ڳالهه ڪئي جيڪا صرف ڪابل ۽ ڪابل تي هئي، ان محبت جي سمجهه نٿي اچي ته هڪ ملڪ جي سرزمين اوهان خلاف استعمال ٿي رهي آهي، دهشتگرد اتان کان پاڪستان اچي ڪارروائي ڪن ٿا ۽ هي انهن جي حق ۾ ڳالهه ڪن ٿا. هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج چوڪس آهي، سرحدن کي محفوظ ڪري رهي آهي، صوبائي حڪومت جي ڪمزورين سبب معاملا خراب ٿين ٿا. وفاقي وزير چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان هڪ ڊرامو هلي رهيو آهي، پي ٽي آءِ باني جون ٽئي ڀينرون 9 مئي تي ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ موجود هيون پر اڃان تائين انهن کي منطقي انجام تائين ان لاءِ نه پهچايو ويو ته هي انتقامي ڪارروائي جو پٽڻو پٽيندا، هي 9 مئي تي اتي موجود هيون جيڪي جٿن کي وٺي اتي ويون هيون ۽ ڪئميرائن ۾ صاف نظر اچي رهيون آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي حق جي ويڙهه کانپوءِ پرڏيهي پاليسي جي ڪاميابي هضم نه ٿي رهي آهي، سندن دور ۾ معيشت ٻڏي چڪي هئي، هاڻي معيشت استحڪام طرف گامزن آهي جيڪا کين قبول ناهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جون ڀينرون هاڻي انڊين ۽ افغان چئلنز تي پنهنجي ڀاءُ جو پٽڻو پٽي رهيون آهن، ڇا نورين خان نيازي انڊين چئلنز کي انٽرويوز ۾ چيو ته مان مودي جي مذمت ڪريان ٿي؟ پاڪستان ۾ معصوم ٻارن جي شهادت ۽ ارتضيٰ عباس جي ڳالهه ڪئي؟ مريدڪي، بهاولپور ۾ شهيد ٿيل شهرين، فوجين، جوانن ۽ آفيسرن جي ڳالهه ڪئي جيڪي شهيد ٿيا يا انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو؟ عطاءَ الله تارڙ چيو ته هي شرم ۾ ٻڏي مرڻ وارو مقام آهي جيڪو انڊين چئنلز تي وڃي پاڪستان کي بدنام ڪري رهيا آهن. انڊين چئنلز ان کي پنهنجو پليٽ فارم ان لاءِ مهيا ڪري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر آهي ته ان فيملي ۽ پارٽي جي ذهنيت پاڪستان خلاف آهي. هن چيو ته هي ڀارتي چئنلز تي وڃي ڪشميرين جي ڳالهه ڪن ٿا نه وري حق جي ويڙهه جي، نه پنهنجي شهيدن جي، هي اتي صرف ۽ صرف اهڙي قيدي جي باري ۾ وڪٽمائزيشن جو پٽڻو پٽين ٿا جيڪو ڪرپشن جي ڪيس ۾ اندر آهي، جنهن تي 190 ملين پائونڊ جي ڪرپشن ثابت ٿي چڪي آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي عورت اڳواڻ افغانستان ۽ انڊين ميڊيا ذريعي افواهه پکڙيندي آهي ته سندن اڳواڻ جي زندگي خطري ۾ آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ باني ٽريڊمل تي روزاني ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڊڪندو آهي، وي وي آءِ پي قيدي هڪ فائيو اسٽار هوٽل جي سهولت وٺي رهيو آهي پر انڊين ۽ افغان ٽي وي چئنلز تي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته آپريشن بنيان مرصوص ۾ الله تعاليٰ شاندار فتح عطا فرمائي، ڪاش نورين خان ڀارتي چئنلز تي ان کي ساراهي ها، مودي حڪومت جي مذمت ڪري ها، ڪاش هي انڊين ميڊيا تي ڀارت جي ڪيرايل 7 جهازن جو ذڪر ڪري ها پر کيس اها همٿ نه ٿي ڇاڪاڻ ته ان لاءِ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ اهم آهي. پاڪستان، پاڪستان جي سيڪيورٽي يا مفاد انهن لاءِ ڪا معنيٰ نٿا رکن. هن 9 مئي تي فزيڪلي حملو ڪيو، 9 مئي سازش جا پيرا ساڻن ملن ٿا، هي فوج کي ڪمزور چاهيندا هئا پر انهن جا سمورا منصوبا ناڪام ٿيا. هن چيو ته اهي چاهين ٿا ته فوج اندروني طور تي ڪمزور ٿئي ۽ ڀارت کي سگهه ملي ۽ هو حملو ڪري. ان کي حق جي ويڙهه ۽ بنيان مرصوص جي فتح اڄ تائين هضم نه ٿي رهي آهي، اسان جي فوج پوري دنيا ۾ پنهنجي هاڪ ڄمائي آهي، پاڪ فوج اڄ به ڪنهن به اڳرائي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جهڙي طرح حق جي ويڙهه ۾ ڪاميابي ملي، الحمد الله اسان جي ڀرپور صلاهيت آهي ته ڪنهن به اڳرائي جو جواب ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهيون. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ چاهي ٿي ته معاملن کي ڪمزور ڪيو وڃي ان لاءِ ان جا ايڪس اڪائونٽس ملڪ مخالف سرگرمين لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ايڪس ۾ اهڙو فيچر اچي ويو آهي جيڪو اڪائونٽ جتان آپريٽ ٿي رهيو آهي، ان جي خبر پئجي وڃي ٿي. نام نهاد بلوچ اڪائونٽس بڻيل آهن، اهي سمورا اڪائونٽس انڊيا ۽ افغانستان مان آپريٽ ٿي رهيا آهن، هن چيو ته پي ٽي آءِ جا جيترا اڪائونٽس فوج خلاف زهر اوڳاڇين ٿا اهي سمورا انڊيا ۽ افغانستان مان هلي رهيا آهن، وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم ان تي کلي ڳالهه ڪئي ته پروپيگنڊا ۽ زهر اوڳاڇيندڙن کي ڀرپور ناڪيلي وجهنداسين. هن چيو ته ايڪس جي نئين فيچر سان اهو ثابت ٿئي ٿو ته اينٽي فوج، اينٽي پاڪستان اڪائونٽس انڊيا ۽ افغانستان مان آپريٽ ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جي حوالي سان انهن جا پنهنجا معملا آهن جنهن تحت ان کي ملاقات جي اجازت نه ملي رهي آهي، سندن پارٽي ۾ گروپ بندي آهي ۽ پارٽي ڌڙن جو شڪار آهي، وزيراعليٰ چئي رهيو آهي ته مون کي ملرايو، ڀينرون هڪٻئي کي ايڪسپوز ڪري رهيون آهن، انهن جو مطالبو غير قانوني آهي، رولز موجب ملاقات جا ڪجهه قاعدا ۽ ضابطه آهن، لا اينڊ آرڊر جي صورتحال پيدا ڪري ڪڏهن به ملاقات نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته هڪ روز هڪ ڪوڙي پروپيگنڊا ڪن ٿا، اسان وڏي تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي، سندن ڪوڙي پروپيگنڊا نه هلندي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي معيشت ترقي ڪري رهي آهي، دنيا جا مالياتي ادارا پاڪستان جي اقتصادي سڌارن کي ساراهي رهيا آهن، سندن دور ۾ ايڪسچينج ريٽ غير مستحڪم هو، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌي ويو هو، مهانگائي ۾ واڌ ۽ وياج جي شرح وڌي چڪي هئي، هاڻي وياج جي شرح گهٽ آهي، مهانگائي گهٽ آهي، مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا وڌي رهيا آهن، پرڏيهه مان پورهيتن پاران موڪليل ناڻي ۾ واڌ ٿي آهي، گذريل مهيني 3.4 ارب ڊالر پاڪستان آيا. وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ ڪاروبار دوست ماحول آهي، دنيا جا ملڪ پاڪستان تي اعتماد ڪري رهيا آهن ۽ هي انڊيا ۽ افغانستان ۾ ويهي پاڪستان خلاف مهم هلائي رهيا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي اڪنامڪ ايڪسپرٽس کي چئلينج آهي ته هو اچن ۽ پنهنجي دور جي اڪنامڪ پاليسي جي ڀيٽ ڪن ۽ پنهنجي دوري جي ميڪرو اڪنامڪ انڊيڪيٽرز ۽ معاشي پاليسي جي ڀيٽ ڪن، سندن ليڊر پاڻ چوندو هو ته پي ٽي وي مان خبر پوي ٿي ته ڊالر جو ريٽ ڇا آهي، هي کوکلا ماڻهو آهن، انهن کي پرڏيهي پاليسي جي خبر ناهي نه اڪنامڪ پاليسي جي، صرف هڪ پوليٽيڪل ٽيرر ڪرائم نيڪسس آهي جنهن تحت اهي کيسا ڀري رهيا آهن. هن چيو ته جيڪي ماڻهو پرڏيهي ۾ ويهي جيڪي ماڻهو سازشن ذريعي پاڪ فوج ۽ ملڪي سالميت خلاف بيانيو بڻائي رهيا آهن اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. پاڪستان کي هميشه هٿي ملندي ۽ عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيندو.











