وزيراعظم شهباز شريف پاران انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ ٿائيلينڊ ۾ سامونڊي طوفان سبب جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد- 30 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ ٿائيلينڊ جي مختلف حصن ۾ سامونڊي طوفان سبب ٿيل تباهي پکيڙيندڙ برساتن، ٻوڏ ۽ مٽيءَ جي ڇپن ڪرڻ جي نتيجي ۾ قيمتي انساني حياتين ۽ ملڪيتن جي نقصان تي دلي ڏک ۽ افسوس جوا ظهار ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي بيان ۾وزيراعظم محمد شهباز شريف متاثره خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي گم ٿيل ماڻهن جي …

اسلام آباد- 30 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ ٿائيلينڊ جي مختلف حصن ۾ سامونڊي طوفان سبب ٿيل تباهي پکيڙيندڙ برساتن، ٻوڏ ۽ مٽيءَ جي ڇپن ڪرڻ جي نتيجي ۾ قيمتي انساني حياتين ۽ ملڪيتن جي نقصان تي دلي ڏک ۽ افسوس جوا ظهار ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي بيان ۾وزيراعظم محمد شهباز شريف متاثره خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي گم ٿيل ماڻهن جي حفاظت سان واپسي ۽ متاثر ڪميونٽيز جي جلد بحالي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ پاڪستان حڪومت انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ ٿائلينيڊ جي عوام، اتان جي حڪومتن ۽ قيادت سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي ۽ اسان ان قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ هر ممڪن امداد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.