صدر مملڪت آصف علي زرداري جو ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ شديد ٻوڏ سبب جاني نقصان ۽ لکين ماڻهن جي بي دخلي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد- 30 نومبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ شديد ٻوڏ سبب ٿيل وڏي پيماني تي جاني نقصان ۽ لکين ماڻهن جي بي دخلي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت چيو ته ان سانحي ۾ قيمتي جانين جي نقصان ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي گم ٿيڻ جا اطلاع پاڪستان …

اسلام آباد- 30 نومبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ شديد ٻوڏ سبب ٿيل وڏي پيماني تي جاني نقصان ۽ لکين ماڻهن جي بي دخلي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت چيو ته ان سانحي ۾ قيمتي جانين جي نقصان ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي گم ٿيڻ جا اطلاع پاڪستان جي عوام لاءِ انتهائي ڏک جو سبب آهن. هن انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ ٿائيلينڊ جي حڪومتن ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي فوتين جي پونئيرن سان دلي تعزيت ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان پاڻ به موسمياتي تبديلين سبب پيدا ٿيل آفتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان ڪري هو اهڙن سانحن جي ڏک ۽ بي يقيني کي ڄاڻي ٿو. هن چيو ته پاڻي هيٺ آيل وسندين ۽ گهرن کان محروم ٿيل خاندانن جا منظر ان ڳالهه جي ياد ڏيارين ٿا ته اسان سڀ انسان گڏيل طور تي وڌندڙ ماحولياتي تباهه ڪارين جي خطرن ۾ گهِريل آهيون. هن چيو ته پاڪستان علائقائي شراڪتدارن ۽ عالمي ادارن سان ويجهي رابطي ۾ رهندو ته جيئن پنهنجي سگهه مطابق متاثر ملڪن جي مدد جي عملي طريقن تي غوري ڪري سگهي. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان هن مشڪل وقت ۾ متاثر ملڪن سان گڏ بيٺل آهي.