اسلام آباد - 30 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته اڄ جڏهن عالمي برادري فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو عالمي ڏهاڙو ملهائي رهي آهي، پاڪستان پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي خوداراديت واري حق، سندن وقار، آزادي ۽ پنهنجي پختي سفارتي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. فلسطيني عوام سان يڪجهتي بابت عالمي ڏينهن جي حوالي سان پرڏيهي وزارت مان جاري …
پاڪستان فلسطينين جي خوداراديت واري حق، وقار ۽ آزادي لاءِ پختي سفارتي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو: نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار
اسلام آباد – 30 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته اڄ جڏهن عالمي برادري فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو عالمي ڏهاڙو ملهائي رهي آهي، پاڪستان پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي خوداراديت واري حق، سندن وقار، آزادي ۽ پنهنجي پختي سفارتي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. فلسطيني عوام سان يڪجهتي بابت عالمي ڏينهن جي حوالي سان پرڏيهي وزارت مان جاري پيغام ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته نسلن کان فلسطيني عوام منظم بي دخلي، جارحيت ۽ تشدد ۽ تباهه ڪندڙ محرومين کي منهن ڏيندا آيا آهن. سندن گهرن، اسڪولن، اسپتالن ۽ بنيادي سهولتون ان مسلسل آزمائش جو سڀ کان وڌيڪ بار کنيو آهي. هن چيو ته فلسطين ۾ انساني مصيبتن جي بي مثال شدت عالمي برادري کان فوري، مضبوط ۽ عدل ۽ انسانيت جي اصولن تي ٻڌل رد عمل جي گهرجائو آهي، عالمي قانون مطابق اسرائيل طرفان ڪيل جنگي ڏوهه ۽ نسل ڪشي تي جوابدهي اڻٽر آهي، غزه ۾ اسرائيل جي جاري بربريت ان کي انسانيت ۽ عالمي ضمير جو قبرستان بڻائي ڇڏيو آهي. ان صورتحال کي نه ئي برداشت ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي بنا انصاف جي ڇڏي سگهجي ٿو. ان اهم مرحلي تي تازيون سفارتي ڪوششون خاص ڪري ٻه رياستي حل تي اعليٰ سطحي ڪانفرنس ۽ غزه امن منصوبو، تشدد جي نه ختم ٿيندڙ سلسلي کي روڪڻ ۽ پائيدار امن حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ حقيقي موقعو فراهم ڪن ٿيون. هاڻي ضروري آهي ته عالمي برادري هڪ مستقل جنگ بندي کي يقيني بنائي. هن چيو ته اسرائيل تي لازم آهي ته هو انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائي، پنهنجي سموري فوج کي مڪمل طور تي غزه مان واپس گهرائي، گڏيل قومن جي ادارن خاص ڪري يو اين آر ڊبليو اي جي ڪم ۾ پوري طرح سهولت فراهم ڪري ۽ غزه جي فوري نئين سر تعمير ۽ بحالي لاءِ ضروري حالتن کي ممڪن بڻائي. اهڙي طرح اولهندي ڪناري ۾ جاري سنگين صورتحال جو حل به فوري ڌيان جو گهرجائو آهي. جتي اسرائيلي غير قانوني وسندين جو ڦهلاءُ ۽ اهڙا قدم جيڪي فلسطيني علائقن جي جاگرافيائي وحدت کي ختم ڪن ٿا، پائيدار امن جي راهه ۾ سنگين رڪاوٽ آهن. اهي قدم عالمي قانون جي کليل ڀڃڪڙي ۽ ٻه رياستي حل جي راهه ۾ سڌي ريت رڪاوٽ آهن، جيڪو خطي ۾ منصفاڻي ۽ ڊگهي امن جو واحد رستو آهن. پاڪستان فلسطين مسئلي جي منصفاڻي، ڊگهي ۽ جامع حل لاءِ پنهنجي پختي وابستگي جو ورجاءُ ڪري ٿو. جيڪو لاڳاپيل سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي جي ٺهرائن مطابق آهي، ان ۾ هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطين رياست جو قيام شامل آهي، جيڪو 1967ع کان پهرين جي سرحدن تي قائم هجي ۽ جنهن جو گادي وارو هنڌ القدس الشريف هجي. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته ان ڏينهن ۽ جيستائين انصاف قائم نٿو ٿئي، پاڪستان پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي آزادي، وقار ۽ سندن خوداراديت واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ ساڻن پختي يڪجهتي سان بيٺل آهي.











