راولپنڊي-30 نومبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري سان چڪلاله اسڪيم 3 ۽ ولايت خان ڪالوني جي عوامي نمائندن ۽ اڳواڻن ملاقات ڪئي ۽ علائقي ۾ ترقياتي ڪم مڪمل ٿيڻ تي سندس ٿورو مڃيو. پارلياماني سيڪريٽري وفد سان ملاقات ۾ چيو ته عوامي ڀلائي ۽ سهولتن جي فراهمي اسان جي اولين ترجيح آهي ۽ والايت خان ڪالوني ۽ چڪلاله اسڪيم III ۾ گئس پائيپ لائين وڇائڻ …
پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري سان عوامي نمائندن ۽ اڳواڻن جي ملاقات
راولپنڊي-30 نومبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري سان چڪلاله اسڪيم 3 ۽ ولايت خان ڪالوني جي عوامي نمائندن ۽ اڳواڻن ملاقات ڪئي ۽ علائقي ۾ ترقياتي ڪم مڪمل ٿيڻ تي سندس ٿورو مڃيو. پارلياماني سيڪريٽري وفد سان ملاقات ۾ چيو ته عوامي ڀلائي ۽ سهولتن جي فراهمي اسان جي اولين ترجيح آهي ۽ والايت خان ڪالوني ۽ چڪلاله اسڪيم III ۾ گئس پائيپ لائين وڇائڻ سميت ٻيا ترقياتي منصوبا انهي عزم جو عملي ثبوت آهن، اسان هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين ته علائقي جي عوام کي پراڻن مسئلن کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وفد ۾ سردار ارشد محمود، رانا نديم اقبال، سيد طاهر حسين شاهه، مشتاق بيگ، چوڌري جبار، امين گل، محمد بلال ۽ ٻيا شامل هئا. وفد بئريسٽر دانيال چوڌري جي خصوصي دلچسپي ۽ حڪومتي عزم کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو آئنده به علائقي جي مسئلن جي حل ۽ وڌيڪ ترقياتي منصوبن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.











