بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد جو پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس جي ڏهاڙي تي پيغام

اسلام آباد- 30 نومبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن روبينه خالد پاڪستان پيپلز پارٽي جي 58هين يوم تاسيس جي موقعي تي قوم، ڪارڪنن ۽ قيادت کي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي خاص پيغام ۾ هن پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جمهوريت، برابري ۽ عوامي حقن لاءِ تاريخي جدوجهد کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو …

اسلام آباد- 30 نومبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن روبينه خالد پاڪستان پيپلز پارٽي جي 58هين يوم تاسيس جي موقعي تي قوم، ڪارڪنن ۽ قيادت کي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي خاص پيغام ۾ هن پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جمهوريت، برابري ۽ عوامي حقن لاءِ تاريخي جدوجهد کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه عوام جي حڪمراني واري حق لاءِ آواز بلند ڪيو آهي ۽ پارٽي جو بنيادي منشور اٽو، لٽو ۽ اجهو اڄ به پارٽي جي مضبوط عزم ۽ عوامي خدمت جي جذبي جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته بي آءِ ايس پي ملڪ جي غريب گهراڻن لاءِ اميد آهي ۽ سماجي تحفظ جي پروگرامن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. هن پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس تي شهيدن کي سلام پيش ڪندي ڪارڪنن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو.

مزید خبریں