سينيٽر مشاهد حسين ايشيا يورپ پوليٽيڪل فورم جو چيئرمين چونڊجي ويو، يوريشيائي رابطه ڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار جي عزم جو ورجاءُ، يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ ٽرمپ پلان جي آجيان

اسلام آباد -30 نومبر (اي پي پي)  سينيٽر مشاهد حسين سيد کي ايشيا-يورپ پوليٽيڪل فورم (اي اي پي ايف) جي چيئرمين طور متفقه طور چونڊيو ويو. اها چونڊ ان ٻن وڏن کنڊن جي تنظيم جي سالياني اجلاس ۾ عمل ۾ آئي جيڪو هنگري جي گادي واري شهر ۾ منعقد ٿيو. اها ڪانفرنس ”يوريشيا ۾ امن ۽ جمهوريت“ جي عنوان تحت منعقد ڪئي وئي جنهن جي ميزباني هنگري جي حڪمران پارٽي …

اسلام آباد -30 نومبر (اي پي پي)  سينيٽر مشاهد حسين سيد کي ايشيا-يورپ پوليٽيڪل فورم (اي اي پي ايف) جي چيئرمين طور متفقه طور چونڊيو ويو. اها چونڊ ان ٻن وڏن کنڊن جي تنظيم جي سالياني اجلاس ۾ عمل ۾ آئي جيڪو هنگري جي گادي واري شهر ۾ منعقد ٿيو. اها ڪانفرنس ”يوريشيا ۾ امن ۽ جمهوريت“ جي عنوان تحت منعقد ڪئي وئي جنهن جي ميزباني هنگري جي حڪمران پارٽي فيديز ڪئي. هنگري جي اڳوڻي نائب پرڏيهي وزير زولٽ نيميٿ کي يورپ جي نمائندگي ڪندي ايشيا- يورپ پوليٽيڪل فورم (اي اي پي ايف) جو شريڪ چيئرمين چونڊيو ويو. ان ڪانفرنس ۾ 25 ملڪن سان تعلق رکندڙ 35 پارليامينٽ جي ميمبرن، سياسي شخصيتن ۽ ٿنڪ ٽينڪ جي نمائندن شرڪت ڪئي جن مان 15 ايشيا ۽ 10 يورپ مان هئا. پنهنجي عهدي جي قبوليت جي تقرير ۾ سينيٽر مشاهد حسين جيڪو انٽر نيشنل ڪانفرنس آف ايشين پوليٽيڪل پارٽيز جو به شريڪ چيئرمين آهي، شرڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃيو ته انهن کي ان منفرد فورم لاءِ ٻن سالن جي مدي لاءِ چيئرمين چونڊيو ڇو جو ايشيا- يورپ پوليٽيڪل فورم واحد غير سرڪاري ادارو آهي جيڪو يورپ جي سياسي نمائندن، عوامي دانشورن ۽ ٿنڪ ٽينڪس کي ايشيا جي پنهنجي هم منصبن سان جوڙي ٿو ۽ ان جو اجلاس واري واري سان ايشيا  ۽ يورپ ۾ منعقد ٿين ٿا. مشاهد حسين ايشيا ۾ رابطاڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار خاص طور تي ڏکڻ ايشيا ۽ وچ ايشيا جي وچ ۾ ۽ ان کان اڳتي يوريشيا تائين خاص طور تي جاگرافيائي معيشت (جيو اڪنامڪس) ۽ جاگرافيائي سياست (جيو پوليٽڪس)  جي اڀرندڙ چر پر  تي به روشني وڌي. هن پاڪستان کي اوڀر ۽ اولهه وچ ۾ هڪ مثالي پل قرار ڏنو. سينيٽر مشاهد حسين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ 28 نقطن واري منصوبي جي آجيان ڪندي چيو ته اهو بي مقصد ۽ بنا جواز تڪرار ڳالهين ذريعي ختم ٿيڻ گهرجي. هن ڊونلڊ ٽرمپ کي هڪ اهڙو آمريڪي اڳواڻ طور ساراهيو جيڪو نه ته جنگجو آهي ۽ نه ئي سرد جنگ جو علمبردار آهي.  سينيٽر مشاهد حسين واپار، سيڙپڪاري، معيشت، تعليم ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ پاڪستان جي يورپ سان لاڳاپن تي به ڳالهائيندي چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان قانون جي حڪمراني ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي تحفظ ۽ بقا لاءِ هڪ ذميوار ۽ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن انساني حقن جي حوالي سان اولهه جي ٻٽي معيار تي به تنقيد ڪندي چيو ته دنيا هڪ نئين عالمي نظام ڏانهن وڌي رهي آهي. جيڪو هاڻي اولهه جي قبضي هيٺ ناهي رهيو پر اهڙو نظام هوندو جتي عالمي اڪثريت يعني ايشيا، آفريقا ۽ لاطيني آمريڪا جا ملڪ گلوبل سائوٿ جي حصي طور وڌيڪ آزاد، وڌيڪ ڪردار ۽ وڌيڪ اثر رسوخ رکندا.  ان دوري دوران سينيٽر مشاهد حسين ۽ ٻين وفدن جي اعزاز ۾ هنگري جي پارليامينٽ جي اسپيڪر سان گڏوگڏ يورپي معام لن واري وزير طرفان دعوت جو اهتمام به ڪيو ويو.

مزید خبریں