راولپنڊي -29 نومبر (اي پي پي) ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر چيو آهي، ته ڀارت ۾ پاڻ کي فريب ڏيڻ جي سوچ رکندڙ قيادت جي هڪ هٺي جاري آهي، آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي، ته ڀارتي آرمي چيف جو اهو بيان ته اسان آپريشن سندرو دوران هڪ ٽريلر ڏيکاريو اهوپاڻ کي ڌوڪو ڏيڻ واري سوچ جي عڪاسي آهي، …
ڀارت ۾ پاڻ کي فريب ڏيڻ جي سوچ رکندڙ قيادت جي هڪ هٺي جاري آهي: ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر

مزید خبریں
راولپنڊي -29 نومبر (اي پي پي) ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر چيو آهي، ته ڀارت ۾ پاڻ کي فريب ڏيڻ جي سوچ رکندڙ قيادت جي هڪ هٺي جاري آهي، آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي، ته ڀارتي آرمي چيف جو اهو بيان ته اسان آپريشن سندرو دوران هڪ ٽريلر ڏيکاريو اهوپاڻ کي ڌوڪو ڏيڻ واري سوچ جي عڪاسي آهي، جنهن ٽريلر ۾ 7 جهاز تباهه ٿين، 26 هنڌن تي حملو ٿئي ۽ ايس-400 جون بيٽريون تباهه ٿي وڃن ته ان کي ٽريلر تي ٻڌل فلم انهن لاءِ هارر فلم بڻجي ويندي. سندور ۾ ٿيل شڪست تي بار بار ڀارتي ڪوڙا بيان عوامي ڏک ۽ ڪاوڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ آهن. ڪو به ملڪ جيڪڏهن افغان طالبان رجيم کي فوجي سازو سامان مهيا ڪري ٿو ته اهو دهشتگردن جي هٿ ئي لڳندو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان رياست ۽ ان جي ادارن خلاف زهريلو بيانيو بڻائيندڙ ايڪس اڪائونٽس پرڏيهه مان هلن ٿا. پاڪستان مان ٻاهر ويهي خطي جي سياست ۽ ٻين معاملن ۾ زهر ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. پرڏيهه مان آپريٽ ٿيندڙ سوشل ميڊيا جا اهي اڪائونٽس هر وقت پاڪستان خلاف بيانئو ٺاهڻ ۾ مصروف آهن، اها ڳالهه واضح آهي ته جيڪا سوشل ميڊيا پاڪستان ۾ هلي رهي آهي، اصل ۾ ان پٺيان پرڏيهي هٿ آهن. سمورين حڪومتن ۽ سياسي پارٽين جو اتفاق آهي، ته دهشتگردي جو حل نيشنل ايڪشن پلان ۾ آهي، ان پلان کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ بلوچستان ۾ هڪ مربوط نظام واضح ڪيوو يو آهي جڏهن ته ڪي پي ڪي ۾ ان جي گهٽتائي نظر اچي ٿي. هن چيو ته ان نظام تحت ضلعي، ڊويزنل ۽ صوبائي سطح تي اسٽيئرنگ، مانيٽرنگ ۽ امپليمينٽيشن ڪميٽيون بڻايون ويون آهن، ايراني ڊيزل جي اسمگلنگ غيرقانوني اسپيڪٽرم جي وڏن سببن مان ڪ آهي. ان مد ۾ حاصل ٿيندڙ رقم دهشتگردي کي هٿي وٺائڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي. ايراني ڊيزل جي اسمگلنگ تي آرمي، ايف سي ۽ صوبائي حڪومت جي ڪريڪ ڊائون کان اڳ 20.5 ملين ليٽر ڊيزل جي روزاني اسمگلنگ ٿيندي هئي. اهو مقدار گهٽ ٿي 2.7 ملين ليٽر روزاني تي اچي ويو آهي. ايران مان اسمگل ٿيل ڊيزل جي مد ۾ حاصل ٿيندڙ رقم بي ايل اي ۽ بي واءِ سي ڏانهن وڃي. نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻ سبب بلوچستان جي 27 ضلعن کي پوليس جي دائره اختيار ۾ آندو ويو آهي جيڪو بلوچستان جو 86 سيڪڙو حصو آهي، بلوچستان ۾ صوبائي حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز مقامي ماڻهن سان مسلسل انگيجمينٽ ڪري رهيا آهن. اهڙي طرح جي روزاني 140 ۽ ماهوار 4000 انگيجمينٽ ٿي رهيون آهن، جنهن سان ڪيترائي ڏور رس نتيجا آهن، انهن حڪومتي قدمن کانسواءِ دهشتگرديءَ تي ضابطو نٿو آڻي سگهجي. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته 25 نومبر تي ڊي جي آءِ ايس پي آر جي سينئر صحافين ملڪي سلامتي جي معاملن تي تفصيلي ڳالهين ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته 4 نومبر 2025ع کان هن وقت تائين دهشتگردي خلاف 4910 انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن ڪيا ويا، جن ۾ 206 دهشتگردن کي ماريو ويو. هلندڙ سال سڄي ملڪ ۾ 67023 انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا ويا. هلندڙ سال ڪي پي ڪي ۾ 12857 ۽ بلوچستان ۾ 53309 انٽيليجنس آپريشن ڪيا ويا. مجموعي طور تي 1873 دهشتگرد ماريا ويا جن ۾ 136 افغاني به شامل آهن. بارڊر مينجمينٽ تي سيڪيورٽي ادارن جي حوالي سان گمراهه ڪندڙ پروپئگنڊه ڪئي وڃي ٿي، پاڪ افغان بارڊر انتهائي ڏکيو ۽ مشڪل رستن تي ٻڌل آهي، ڪي پي ڪي ۾ پاڪ افغان سرحد 1229 ڪلوميٽرن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ 20 ڪراسنگ پوائنٽس آهن. پاڪ افغان بارڊر تي پوسٽن جو فاصلو 20 کان 25 ڪلوميٽرن تائين به آهي. بارڊر فينس ان وقت تائين اثرائتو نٿو ٿي سگهي، جيستائين اهو آبزرويشن ۽ فائر سان ڪور نه ٿئي. جيڪڏهن 2 کان 5 ڪلوميٽر کان پوءِ قلعو ٺاهيو ۽ ڊرون سرويلنس ڪيون ته ان لاءِ گهڻا وسيلا گهربل هوندا. پنجاب ۽ سنڌ جي برعڪس ڪي پي ڪي ۾ بارڊر جي ٻنهي پاسي ڳوٺ آهن. اهڙي صورتحال ۾ اچ وڃ کي ڪنٽرول ڪرڻ هڪ چئلينج آهي. دنيا ۾ بارڊر مينجمينٽ هميشه بئي ملڪ گڏجي ڪندا آهن، ان جي برعڪس افغانستان مان دهشتگردن جي پاڪستان ۾ دراندازي لاءِ افغان طالبان مڪمل سهولتڪاري ڪن ٿا. جيڪڏهن افغان بارڊر سان لاڳاپيل علائقن کي ڏٺو وڃي ته اتي مشڪل سان اثرائتو انتظامي ڍانچو ڏسڻ لاءِ ملي ٿو جيڪو گورننس جي مسئلن ۾ اضافي جو سبب آهي، انهن بارڊر ايرياز ۾ انتهائي مضبوط پوليٽيڪل ٽيرر ڪرائيم ڳٺ جوڙ اهي جنهن جي سهولتڪاري فتنه الخوارج ڪن ٿا. جيڪڏهن سرحد پار کان دهشتگردن جا اطلاع ملي رهيا آهن يا غيرقانوني اسمگلنگ ۽ واپار ٿي رهيو آهي ته اندرون ملڪ ان کي روڪڻ ڪنهن جي ذميواري آهي؟ جيڪڏهن لکين نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون توهان جي صوبي م گهمي رهيون آهن ته انهن کي ڪير روڪيندو؟ نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون انهن پوليٽيڪل ٽيرر ڪرائيم نيڪسز جو حصو آهن جيڪي آپگهاتي حملن ۾ استعمال ٿينديون آهن. افغانستان سان دوحه معاهدي جي حوالي سان پاڪستان جو موقف واضع آهي. پاڪستان جو موقف آهي ته افغان طالبان رجيم دهشتگردن جي سهولتڪاري بند ڪري، افغانستان ۾ دهشتگردي جا مرڪز ۽ القاعده، داعش ۽ دهشتگرد تنظيمن جي قيادت موجود آهي، اتان کان انهن کي هٿيار ۽ فنڊنگ به ملندي آهي، جيڪا پاڪستان خلاف استعمال ٿيندي آهي، اسان انهن آڏو ثبوت رکيا، جن کي اهي نظر انداز نٿا ڪري سگهن. پاڪستان جو افغان طالبان رجيم کان مطالبو آهي، ته هو هڪ تصديق جوڳي ميڪينزم تحت معاهدو ڪن، جيڪڏهن تصديق جوڳي ميڪينزم ۾ ٿرڊ پارٽي کي رکڻو آهي ته پاڪستان کي ان تي اعتراض نه هوندو. پاڪستان جي ان موقف جي مڪمل آگاهي ٽياڪڙ ملڪ کي به آهي، فتنه الخوارج بابت طالبان رجيم به اها دعويٰ ته هو پاڪستاني آهن هجرت ڪري آيا آهن ۽ اسان جا مهمان آهن، اهو غير منطقي آهي، جيڪڏهن هو پاڪستان شهري آهن ته اسان جي حوالي سان ڪن اسان انهن سان پنهنجي قانون مطابق ڊيل ڪنداسين. اهي ڪهڙا مهمان آهن جيڪي هٿيار کڻي پاڪستان اچن ٿا؟ سگار جي رپورٽ موجب آمريڪي فوجي نيڪالي دوران 7.2 بلين ڊالرز جو آمريڪي فوجي سامان افغانستان ڇڏي ويا هئا، افغان رجيم نه رڳو پاڪستان پر سڄي خطي ۽ دنيا لاءِ هڪ خطرو بڻجي چڪو آهي، افغانستان ۾ 2021ع کان پوءِ رياست ۽ حڪومت جو قيام ٿيڻ هو جيڪو ممڪن نه ٿي سگهيو. طالبان رجيم هن وقت نان اسٽيٽ ايڪٽر پالي رهيا آهن، جيڪي خطي جي مختلف ملڪن لاءِ خطرو آهن. پاڪستان جو واضح مطالبو آهي ته افغان طالبان جو طرز عمل هڪ رياست وانگر هجڻ گهرجي. دوحه ڳالهين ۾ افغان طالبان عالمي برادري کان پنهنجي زمين دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿيڻ جو واعدو ڪيو پر ان تي هن وقت تائين عمل ناهي ٿيو. افغان طالبان رجيم افغانين جي نمائنده ناهي، ڇاڪاڻ ته اها سڀني قومن جي نمائندگي نٿو ڪري. افغانستان جي 50 سيڪڙو عورتن جي نمائندگي جو ان رجيم ۾ ڪو به وجود ناهي، اسان جو افغانين سان ڪو به مسئلو ناهي، پر اسان جو مسئلو افغان طالبان رجيم سان آهي. پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ واپار جي بندش جو مسئلو اسان جي سيڪيورٽي ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحَظ سان جڙيل آهي، رتوڇاڻ ۽ واپار گڏجي نٿا هلي سگهن. اسان لاءِ سٺي يا خراب دهشتگرد ۾ ڪو به فرق ناهي، اسان لاءِ سٺو دهشتگرد اهو ئي آهي جيڪو جهنم ڀيڙو ٿئي. هميشه حق باطل تي غالب ٿيندو آهي، اسان حق تي آهيون ۽ حق هميشه ڪامياب ٿيندو آهي، افغان مهاجرن جي عزت سان وطن واپسي واري عمل تحت 2024ع ۾ 366704 جڏهن ته 2025ع ۾ 971604 ماڻهن کي واپس موڪليو ويو آهي. صرف هلندڙ مهيني نومبر دوران 239574 ماڻهن کي واپس وطن موڪليو ويو آهي.











