پي ٽي آءِ جي سياست جو طرز جمهوري ناهي: احسن اقبال

لاهور-29 نومبر (اي پي پي) منصوبا بندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڀارت ۽ پي ٽي آءِ ملڪي سلامتي خلاف هڪ پيج تي آهن، پي ٽي آءِ جي سياست جو طرز جمهوري ناهي، انتشار ڦهلائڻ آهي، اڏام پاڪستان منصوبو قومي ترقي جو مرڪز و محور ۽ نوجوان ملڪي اثاثو آهن، نوجوان نسل کي ماحول دوست ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته …

لاهور-29 نومبر (اي پي پي) منصوبا بندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڀارت ۽ پي ٽي آءِ ملڪي سلامتي خلاف هڪ پيج تي آهن، پي ٽي آءِ جي سياست جو طرز جمهوري ناهي، انتشار ڦهلائڻ آهي، اڏام پاڪستان منصوبو قومي ترقي جو مرڪز و محور ۽ نوجوان ملڪي اثاثو آهن، نوجوان نسل کي ماحول دوست ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن موسمياتي خطرن کان بچي سگهجي. گرين پروڊڪٽويٽي 2.0 ويزن جو مقصد پاڪستاني صنعت کي نه صرف ماحول دوست بنائڻو آهي پر ان کي عالمي مارڪيٽ ۾ مسابقت جي قابل به ڪرڻو آهي، حڪومت گرين منصوبن کي پورو ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم ڪتب آڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪولمز يونيورسٽي ۾ 2 ڏينهن واري ”عالمي ڪانفرنس ان گرين پروڊڪٽويٽي 2.0“ کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته هي ملڪ اسان جو گهر آهي، هي ملڪ ناهي ته اسان جي سياست به ناهي، اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن ۽ ملڪي سياست هڪ خاندان وانگر هوندي آهي، جهڙي طرح هڪ خاندان ۽ ڪٽنب ۾ هر فرد جي پنهنجي راءِ ۽ سوچ هوندي آهي، اهڙي طرح سڀني سياسي پارٽين کي به اختلاف راءِ جو حق حاصل هوندو آهي، پاڻ ۾ اختلاف ٿي وڃن ته ملڪ اندر رهندي انهن اختلافن کي ختم ڪرڻ ئي جمهوريت جو حسن آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي تمام سخت مارشل لا کي منهن ڏنو پر ٻنهي مارشل لائن کان وڌيڪ ڏاڍ جو اسان پي ٽي آءِ باني جي دور ۾ منهن ڏنو، اسان ڪوڙن ڪيسن ۾ جيلن ۾ به وياسين، ميڊيا تي به پابنديون لڳيون، ان سڀ باوجود ان سياسي جنگ کي اسان رياست جي حدن ۾ رهي ڪري وڙهيو، اڄ تائين ڪنهن به پارٽي پرڏيهه وڃي پاڪستان خلاف پروپئگنڊا ۽ پاڪستان کي عالمي عدالتن جي ڪٽهڙي ۾ ناهي بيهاريو. احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور کي پاڪستان جي سياسي تاريخ جو ڪارو ترين دور قرار ڏنو ويندو آهي، جنهن ۾ نوجوانن کي ترقي، تعليم ۽ مهارت بجاءِ صرف گار گند جي سياست سيکاري وئي، هڪ اناڙي شخص کي ملڪ تي مسلط ڪيو ويو جنهن پاڪستان جي معيشت ۽ ادارن کي شديد نقصان پهچايو، اسان کي به سياسي انتقام جو نشانو بنايو ويو، بدقسمتي سان پي ٽي آءِ جي قيادت سياسي انتقام ۾ انڌي ٿي پنهنجي مخصوص مقصدن لاءِ عالمي سطح تي ملڪي بدنامي جو سبب بڻجي رهي آهي. هن چيو ته ڀارت ۽ پي ٽي آءِ ملڪي سلامتي خلاف هڪ پيج تي آهن، جڏهن به پاڪستان جي عالمي برادري سان سٺن لاڳاپن جي ڪوشش ٿيندي آهي ته ان جي تڪليف پي ٽي آءِ ۽ ڀارت کي ٿيندي آهي، ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن آهي ته ان جي تڪليف پي ٽي آءِ ۽ ڀارت کي ٿيندي آهي، جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان پروگرام ٿئي ٿو ته تڪليف پي ٽي آءِ کي ٿيندي آهي يا ڀارت کي. هن چيو ته پاڪستان جي سياست کي عالمي سطح تي کڻي وڃي بدنام ڪرڻ خاص طور تي دشمن ملڪ کي ڌر بنائڻ انتهائي شرمناڪ آهي، چون ٿا اسان وڏا محب وطن آهيون، آمريڪي ڪانگريس ۾ ملڪ دشمن لابين جي ڪلهن تي سوار ٿي پاڪستان خلاف ٺهراءُ پاس ڪرائڻ ڪهڙي محب وطني آهي، هو مظلوم فلسطينين جي حق ۾ ٺهراءُ ڇو نه ٿا پاس ڪرائين، هو آمريڪي سينيٽرز کان ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي جو ٺهراءُ ڇو نه ٿا پاس ڪرائين. هن چيو ته سندن سياست ملڪ دشمنتي تي ٻڌل آهي، جيڪڏهن ڪو رياستي مفادن سان هٿ چراند ڪندو ته ان کي سختي سان منهن ڏينداسين. احسن اقبال چيو ته ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ حڪومت بري طرح ناڪام ٿي چڪي آهي. پي ٽي آءِ قيادت پنهنجي نا اهلي کي لڪائڻ لاءِ عمران خان کي استعمال ڪري رهي آهي ۽ صوبي ۾ پنهنجين انتظامي ذميوارين ۾ ناڪامي کانپوءِ هاڻي هو ڪڏهن هڪ سياسي بيانئي جي پويان لِڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ڪڏهن اسلام آباد تي چڙهائي جو ڊرامو رچائين ٿا. مان سمجهان ٿو ته عوام هاڻي پي ٽي آءِ جي حقيقت ڄاڻي چڪو آهي ۽ هو ان کان ڇوٽڪارو چاهي ٿو. ان کان اڳ وفاقي وزير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت پنهنجي قومي گرين پروڊڪٽيوٽي 2.0 ويزن تي عملي طور تي عمل پيرا ۽ ملڪ کي پائيدار ترقي، صاف توانائي و جديد صنعتي رجحانن طرف وٺي وڃڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن جو مقصد پاڪستاني صنعت کي نه صرف ماحول دوست بنائڻو آهي پر ان کي عالمي مارڪيٽ ۾ مسابقت جي قابل به ڪرڻ آهي. ان ويزن تحت حڪومت وسيلن جي اثرائتي استعمال، توانائي جي بهتر انتظام، ڪاربن جي نيڪال ۾ گهٽتائي ۽ سرڪلر اڪانامي کي هٿي ڏيڻ جهڙن اهم هدفن تي ڌيان ڏئي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته تجديد جوڳي توانائي جي منصوبن جو دائرو تيزي سان وڌايو پيو وڃي، صنعتي يونٽس کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ توانائي بچت جي حل اختيار ڪرڻ لاءِ مدد فراهم ڪئي پئي وڃي، حڪومت گرين هائيڊروجن، صاف ٻارڻ ۽ ماحول دوست ٽيڪنالاجيز جي استعمال کي به اڳتي وڌائي رهي آهي، ته جيئن ملڪ ۾ گهٽ ڪاربن، معيشت جو بنياد رکي سگهجي. هن چيو ته حڪومت نجي شعبي، تعليمي ادارن، ماحولياتي ماهرن ۽ عالمي تنظيمن سان گڏجي اهڙا قدم تيار ڪري رهي آهي، جيڪي پاڪستان جي صنعتي پيداوار، روانگي واپار ۽ معاشي هڪجهڙائي کي بهتر بڻائيندا. هن چيو ته پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ صرف حڪومتي ڪوششن سان ممڪن ناهي پر صنعت، اڪيڊميا ۽ سول سوسائٽي جي شموليت به اڻٽر آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته گرين پروڊڪٽوٽي 2.0 تحت ٿيندڙ سڌارا ايندڙ سالن م ملڪي معيشت تي هاڪاري اثر ڇڏيندا. روزگار جا نوان موقعا پيداوار ۽ پاڪستان جي ماحول دوست ترقي کي عالمي سفر ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهندا. هن توانائي جي اثرائتي استعمال ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺائڻ تي زور ڀريندي چيو ته موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي گڏيل قدم اڻٽر آهن. نوجوان نسل کي ماحول دوست ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ته جيئن مستقبل ۾ پاڪستان موسمياتي خطرن لاءِ بهتر طور تيار ٿي سگهي. واضح رهي ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس جو بندوبست لمز انرجي انسٽيٽيوٽ پاڪستان جي نيشنل پروڊڪٽيويٽي آرگنائيزيشن ۽ ايشين پروڊڪٽيويٽي آرگنائيزيشن جاپان جي سهڪار سان ڪيو ويو جنهن ۾ اي پي او جي ميمبر مڪن مان 80 کان وڌيڪ پرڏيهي نمائندن سان گڏوگڏ پاڪستان جي سرڪاري ۽ نجي شعبن جي سينئر ماهرن، اٽلي، جاپان، ٿائيلينڊ، چين ۽ پاڪستان سميت 21 ملڪن جي نمائندن، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت، رٿابندي وزارت، توانائي واري وزارت، پيٽروليم وزارت، موسمياتي تبديلي واري وزارت جي اعليٰ قيادت شرڪت ڪئي. پائيدار ترقي، سرڪلر اڪناما جي جدتن ۽ پروڊڪٽويٽي تي ٻڌل ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان پنهنجا مشاهدا ۽ تجربا شيئر ڪيا. ڪانفرنس جو مقصد صنعتي شعبي ۾ ڪاربن نيڪالي ۾ گهٽتائي، گرين هائيڊروجن جو ڪردار، ايشيا ۾ پائيدار وسيلن جي استعمال کي هٿي وٺائڻ، پائيدار ترقي لاءِ مالياتي ادارن جون ذميواريون ۽ صنعتي پيداوار، هڪجهڙائي ۽ روانگي واپار م اضافي لاءِ ماحولياتي، سماجي ۽ گورننس فريم ورڪ جي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان علائقائي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ، علم جي مٽاسٽا کي هٿي وٺائڻ ۽ گهٽ ڪاربن ۽ پيداوار صنعتي ترقي جي نون موقعن کي اجاگر ڪرڻ هو.

مزید خبریں