اسلام آباد -29 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقويءَ راولپنڊي جي هڪ علائقي ۾ فائرنگ جي واقعي جو نوٽيس وٺندي اسلام آباد پوليس جي اي ايس آءِ علي اڪبر جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزير پنهنجي بيان ۾ شهيد آفيسر جي خدمتن ۽ قرباني کي ساراهيو ۽ سندس ڪٽنب سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هو ان ڏکئي وقت ۾ …
وفاقي گهرو وزير راولپنڊي ۾ فائرنگ جي واقعي جو نوٽيس ورتو

مزید خبریں
اسلام آباد -29 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقويءَ راولپنڊي جي هڪ علائقي ۾ فائرنگ جي واقعي جو نوٽيس وٺندي اسلام آباد پوليس جي اي ايس آءِ علي اڪبر جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزير پنهنجي بيان ۾ شهيد آفيسر جي خدمتن ۽ قرباني کي ساراهيو ۽ سندس ڪٽنب سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هو ان ڏکئي وقت ۾ شهيد آفيسر جي پونئرن سان گڏ آهي. هن اسلام آباد پوليس جي آءِ جي کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ فائرنگ ۾ ملوث سمورن جوابدارن جي فوري گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا. هن چيو ته اسان شهيد اي ايس آءِ علي اڪبر جي پونئرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ خاطري ڪرائي ته ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.











