استنبول -29 نومبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊولپمينٽ بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد هاشم بوتشڪن پنهنجي وفد سميت استنبول ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وفد پاڪستان ۾ بئنڪ جي جاري آپريشنز ۽ مختلف ترقياتي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وفد پاڪستان جي نجي شعبي جي سهڪار کي هٿي وٺائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته گڏيل …
وفاقي وزير عبدالعليم خان سان اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊولپمينٽ بئنڪ جي صدر جي ملاقات

مزید خبریں
استنبول -29 نومبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊولپمينٽ بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد هاشم بوتشڪن پنهنجي وفد سميت استنبول ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وفد پاڪستان ۾ بئنڪ جي جاري آپريشنز ۽ مختلف ترقياتي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وفد پاڪستان جي نجي شعبي جي سهڪار کي هٿي وٺائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته گڏيل ڪوششن ذريعي ترقياتي ڪمن کي وڌائي سگهجي ٿو. وفاقي وزير اي ٽي ڊي بي جي مسلسل دلچسپي ۽ سهڪار جي تعريف ڪندي وفد جو ٿورو مڃيو. هن خاطري ڪرائي ته پاڪستان گڏيل مفاد تي ٻڌل سهڪار ۽ مستقبل جي شراڪتداري کي سگهه وٺائڻ لاءِ پوري ريت سهڪار فراهم ڪندو.











