اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ ڀارت جي قومي کاتن کي ٻين گهٽ ترين درجي ۾ رکندي سي گريڊ ڏئي ڇڏيو آهي ۽ واضح ڪيو آهي، ته انگن اکرن جي تياري جي عمل ۾ سنگين خاميون موجود آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڀارت جي، جي ڊي پي سيريز اڃا تائين 12-2011 جي پراڻي بنياد تي ٻڌل آهي، جيڪا هاڻي معاشي حقيقتن …
آءِ ايم ايف ڀارتي معيشت جو ڀانڊو ڦوڙي ڇڏيو، نااهل مودي جي دعويٰ بي نقاب

مزید خبریں
اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ ڀارت جي قومي کاتن کي ٻين گهٽ ترين درجي ۾ رکندي سي گريڊ ڏئي ڇڏيو آهي ۽ واضح ڪيو آهي، ته انگن اکرن جي تياري جي عمل ۾ سنگين خاميون موجود آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڀارت جي، جي ڊي پي سيريز اڃا تائين 12-2011 جي پراڻي بنياد تي ٻڌل آهي، جيڪا هاڻي معاشي حقيقتن سان هم آهنگ ناهي رهي. آءِ ايم ايف ڀارت جي معيشت جي هڪ وڏي حصي يعني رسمي شعبي کي پوري انداز ۾ شامل نه ڪرڻ، قيمتن جي تعين ۾ صرف هول سيل پرائيس انڊيڪس تي ڀاڙڻ ۽ ملڪ جي پيداواري ۽ خرچن جي، جي ڊي پي جي اندازن ۾ اختلافن کي ڊيٽا جو نُقص قرار ڏنو آهي. ياد رهي ته اهي انڪشاف ثابت ڪن ٿا ته ڀارت جي اعليٰ معاشي ترقي جي دعويٰ جنهن کي وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت ۽ مقامي ميڊيا وڌائي پيش ڪيو.











