وفاقي وزير عبدالعليم خان سان اچ هولڊنگ جي وفد جي ملاقات

استنبول -29 نومبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان ترڪيه جي مشهور ڪمپني اچ هولڊنگ جي ٽرانسپورٽيشن اينڊ انفراسٽرڪچر گروپ جي اعليٰ سطحي وفد چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سيرهات سوڪپنار جي قيادت ۾ استنبول ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وفاقي وزير وفد کي پاڪستان جي انفراسٽرڪچر سيڪٽر ۾ دستياب وسيع سيڙپڪاري جي موقعن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ملڪ جي ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن سسٽم …

استنبول -29 نومبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان ترڪيه جي مشهور ڪمپني اچ هولڊنگ جي ٽرانسپورٽيشن اينڊ انفراسٽرڪچر گروپ جي اعليٰ سطحي وفد چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سيرهات سوڪپنار جي قيادت ۾ استنبول ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وفاقي وزير وفد کي پاڪستان جي انفراسٽرڪچر سيڪٽر ۾ دستياب وسيع سيڙپڪاري جي موقعن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ملڪ جي ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن سسٽم کي جديد رخن تي آڻڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ عالمي سيڙپڪارن کي سيڙپڪار دوست پاليسين مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. هن عالمي شهرت رکندڙ انفراسٽرڪچر ڪمپنين سان مضبوط ڀائيواري جي قيام ۾ دلچسپي جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙي ڀائيواري سان ترقياتي منصوبن ۾ تيزي ۽ معاشي ترقي لاءِ نوان دروازا کلندا. اچ هولڊنگ جي وفد پاڪستان ۾ مستقبل جي انفراسٽرڪچر منصوبن ۾ سهڪار ۽ سيڙپڪاري جي امڪانن جو جائزو وٺڻ ۾ ڀرپور دلچسپي ظاهر ڪئي. ملاقات ان عزم سان پڄاڻي تي پهتي ته ٻئي ڌريون ويجها رابطا برقرار رکندي پاڪستان جي انفراسٽرڪچر سيڪٽر ۾ عملي سهڪار جا موقعا ڳولينديون.

مزید خبریں