اسلام آباد -28 نومبر (اي پي پي) روس جي ميڊيا جي هڪ اعليٰ سطحي وفد روسيا سيگودنيا جي عالمي سهڪار جي ڊائريڪٽر ويسيلي پشڪوف جي اڳواڻي ۾ جمعي ڏينهن ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو. روس جي سفارتخاني جي پريس اتاشي ايگور ڪوليسنيڪوف سان گڏ وفد جي اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي ۽ ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل …
روس جي ميڊيا جي اعليٰ سطحي وفد جو اي پي پي هيڊ ڪوارٽر جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد -28 نومبر (اي پي پي) روس جي ميڊيا جي هڪ اعليٰ سطحي وفد روسيا سيگودنيا جي عالمي سهڪار جي ڊائريڪٽر ويسيلي پشڪوف جي اڳواڻي ۾ جمعي ڏينهن ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو. روس جي سفارتخاني جي پريس اتاشي ايگور ڪوليسنيڪوف سان گڏ وفد جي اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي ۽ ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل رئيسا عادل آجيان ڪئي. ملاقات دوران اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي وفد کي اي پي پي جي ڪم ڪار بابت بريفنگ ڏني ۽ ايجنسي جي ڪم کي اجاگر ڪندڙ هڪ دستاويزي فلم ڏيکاري وئي، جنهن کي روس جي وفد طرفان تمام گهڻو ساراهيو ويو. ٻنهي ڌرين مُنعقد ڪيل هڪ تقريب ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ اي پي پي ۽ رُوس جي ايجنسي اسپوتنڪ نيوز ايجنسي جي وچ ۾ هڪ تاريخي مفاهمت جي ياداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪيُون. پشڪوف اي پي پي جي ڪم ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ سميت نجي ميڊيا جي شعبي سان سهڪار وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سهڪار وڌيڪ لاڀائتو بڻجي سگهي.

هن ريڊيو، موسيقي، ثقافت، فن، ادب ۽ ماڻهن سان ماڻهن جي رابطي ۾ تعاون جي امڪانن کي به اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان هڪ تمام گهڻو مهمان نواز ملڪ آهي ۽ هتي اچڻ هڪ وڏي خوشي جي ڳالهه آهي. اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي وفد کي لاڳاپيل شعبن ۾ اي پي پي جي مدد جو خاطري ڪرائي ۽ ميڊيا جي شعبي ۾ وڌيڪ تعاون جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ سهڪار جي مُختلف شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن ۾ اطلاعات واري وزارت جي عملدارن ۽ نجي ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي. هي دورو پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ميڊيا لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، ٻنهي ڌُرين ميڊيا ۽ ان کان ٻاهر جي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. جڏهن ته ان موقعي تي اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي پاران وفد جي سربراهه کي يادگيري شيلڊ ڏني وئي.











