خيبرپختونخواهه حڪومت جو ڌيان صوبي جي عوام جي ڀلائي بدران ڌرڻي تي آهي: عطاءُ الله تارڙ

نوشهره -28 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت جو ڌيان صوبي جي عوام جي ڀلائي بدران ڌرڻي تي آهي، جيڪڏهن اهي ڌرڻا ڏيندا رهيا ته صوبي تي ڌيان ڪير ڏيندو؟ خيبرپختونخواهه حڪومت غيرقانوني مطالبو ڪري رهي آهي، باني پي ٽي آءِ ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ سزا يافته آهي، ڪڏهن به ڪنهن سياسي قيدي کي ايتريون مراعتون حاصل ناهن …

نوشهره -28 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت جو ڌيان صوبي جي عوام جي ڀلائي بدران ڌرڻي تي آهي، جيڪڏهن اهي ڌرڻا ڏيندا رهيا ته صوبي تي ڌيان ڪير ڏيندو؟ خيبرپختونخواهه حڪومت غيرقانوني مطالبو ڪري رهي آهي، باني پي ٽي آءِ ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ سزا يافته آهي، ڪڏهن به ڪنهن سياسي قيدي کي ايتريون مراعتون حاصل ناهن جيتريون باني پي ٽي آءِ کي حاصل آهن، ڪوڙ جي بيانيي کي شڪست ٿيندي. اختيار ولي خان جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اختيار ولي خان پارٽي جو مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏنو، هن مشڪل ترين دور ۾ صوبائي سيٽ کٽي، خيبرپختونخواهه ۾ سندس سڃاڻپ آهي، هن سدائين اصولن جي سياست ڪئي آهي، ايم ايس ايف جي زماني کان هو مسلم ليگ (ن) سان واڳيل آهي، هو ميڊيا ۾ پارٽي جو مضبوط آواز آهي، هن نه رڳو ملڪي پاليسي جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو پر ملڪي سالميت ۽ ملڪي مفاد کي سدائين مٿانهون رکي ڳالهه ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت صوبي ۾ ماڻهن جي ڀلائي بدران ڌرڻي تي ڌيان ڏئي رهي آهي، جيڪڏهن اهي ڌرڻا ڏيندا رهيا ته صوبي تي ڌيان ڪير ڏيندو؟ خيبرپختونخواهه حڪومت گورننس، صحت جي نظام کي بهتر ڪرڻ، نئين رستن ۽ سٺي پاليسين بدران احتجاج تي ڌيان ڏنو آهي، وزارت اعليٰ جو عهدو وڏي ذميواري هوندي آهي، ان عهدي تي رهندڙ شخص صوبي ۾ نه رهي ۽ وڌيڪ وقت جيل جي ديوار جي ٻاهران بيٺل هجي ته صوبي جي تعمير ۽ ترقي تي ڪير ڌيان ڏيندو، اهو رويو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه کي امن امان ۽ دهشتگردي جي خاتمي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. وفاق دهشتگردي جي خلاف ۽ امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پر انهن جو ان طرف ڌيان نه آهي، خيبرپختونخواهه حڪومت غيرقانوني مطالبو ڪري رهي آهي ته انهن جي اڳواڻ سان ملاقات ڪرائي وڃي، جيل مينوئل جي خلاف مطالبا ڪيا پيا وڃن، ڇا جيل رولز بار بار ملاقات جي اجازت ڏي ٿو؟ توهان پنهنجي صوبي جي خدمت ڪريو، تعليم، صحت ۽ لاء اينڊ آرڊر تي فوڪس ڪريو پر توهان کي توفيق نه آهي، توهان چار چار ڪلاڪ ڌرڻو ڏيو ٿا، اها رڳو ٽڪ ٽاڪ جي حڪومت آهي جيڪي لائيڪس جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته افسوسناڪ ڳالهه آهي ته هڪ غيرقانوني ڊيمانڊ رکي وئي آهي ته اڳواڻ سان ملاقات ڪرائي وڃي، توهان جي اڳواڻ ملڪ جي لاءِ ڪو ڪم ناهي ڪيو، جڏهن هو وزيراعظم هو ته معيشت ته هن ٻوڙي ڇڏي، ان سان گڏ پاڪستان جي دوست ملڪن سان لاڳاپا به خراب ڪرايا، باني پي ٽي آءِ ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ سزا يافته آهي، باني پي ٽي آءِ کي 190 ملين پائونڊ جي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ سزا ٿي، ان جو جواب انهن وٽ نه آهي، باني پي ٽي آءِ سياسي قيدي نه آهي پر ڪرپشن ڪيس ۾ سزا يافته ڏوهاري آهي، رياست مدينه جو نالو وٺي سياست ۾ مذهب کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته باني پي ٽي آءِ القادر يونيورسٽي ۾ تمام وڏو ڌاڙو هنيو، ڪڏهن به ڪنهن سياسي قيدي کي جيل ۾ ايتريون مراعتون حاصل ناهن ٿيون جيتريون باني پي ٽي آءِ کي حاصل آهن، هو وي وي آءِ پي قيدي آهي، دعويٰ سان چوان ٿو ته ڪنهن به سياسي قيدي کي ايتريون سهولتون ميسر نه هيون جيتريون باني پي ٽي آءِ کي ميسر آهن، پوءِ انهن جو غيرقانوني مُطالبو آهي ته اسان جي ملاقات ڪرائي وڃي، توهان جي ملاقات نه ٿي ٿي سگهي ڇو ته اها غيرقانوني ڊيمانڊ آهي، جيل مينوئل ۽ قانون ۾ ڪٿي گنجائش آهي ته توهان ملاقات ڪندا تڏهن ئي صوبي جا معاملا هلائيندا. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ مبينا طور تي انڊين ميڊيا تي افغانستان جي ميڊيا کي ايڪٽو ڪيو ۽ افواهون ڦهلايون ويون، ڀارت ۽ افغان سرزمين تان پاڪستان جي خلاف منفي پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي، باني پي ٽي آءِ سان ملاقات جي لاءِ سوشل ميڊيا تي حربا استعمال ڪيا پيا وڃن. پي ٽي آءِ جا سوشل ميڊيا اڪائونٽ هولڊرز هاڻي ڀارتي سوشل ميڊيا هينڊلرز جي حمايت وٺي رهيا آهن، سوشل ميڊيا تي ماڻهن کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، اهو رڳو انهن جي پريشر وجهڻ ۽ ملاقات ڪرڻ جا حربا آهن، ملڪ ۾ قانون ۽ آئين موجود آهي جيڪو به ٿيندو آئين ۽ قانون موجب ٿيندو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه غيرتمند عوام جو صوبو آهي، اهي پاڪستان سان محبت ڪندڙ ماڻهو آهن، پختونن هن ملڪ جي سالميت جي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، صوبائي حڪومت انهن جي ڀلائي جي لاءِ ڪم ڪري ۽ انهن جو حق ادا ڪري، صوبي جي معاملن ۾ بهتري کڻي اچن پر اها ٽڪ ٽاڪ حڪومت آهي ۽ بزدار پلس پلس لڳايو ويو آهي جنهن کي ڪا خبر نه آهي، هو هاڻي جيل ۾ ملاقات جي لاءِ ڊراما ۽ ڍونگ رچائي رهيو آهي، سندن پارٽي انڊيا ۽ افغانستان جي ميڊيا کي استعمال ڪري رهي آهي، عالمي ميڊيا کي به خبر هجڻ گهرجي ته باني پي ٽي آءِ ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ سزا يافته آهي ۽ قيد آهي، انهن وٽ عدالت ۾ ڪو دفاع نه آهي، انهن جا وڪيل تاريخ تي تاريخ وٺن ٿا، فارن فنڊنگ توشه خانه کان وٺي 190 ملين پائونڊ تائين انهن وٽ ڪو جواب نه آهي، اڄ اهي چون ٿا ته سياسي قيدي آهي، سياسي قيدي اهڙا هوندا آهن جن ملڪ ۾ ايترو وڏو ڌارو هنيو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان سمجهندا هئاسين ته بزدار هڪ نااهل وڏو وزير هو جڏهن ته خيبرپختونخواهه جو موجوده وڏو وزير بزدار پلس پلس نڪتو، پاڪستان جي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي، پي ٽي آءِ جا سوشل ميڊيا اڪائونٽ هولڊرز هاڻي ڀارتي سوشل ميڊيا هينڊلرز جي حمايت وٺي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هي چون ٿا ته فلاڻو نه آهي ته پاڪستان نه آهي، اهڙي نعري تي انهن کي شرم اچڻ گهرجي، اسان ته چئون ٿا ته پاڪستان جي لاءِ اسان جي جان به حاضر آهي، اهي انڊين ۽ افغانستان ميڊيا استعمال ڪري وٺن انهن جي ڊيمانڊ غيرقانوني آهي ۽ ان تي عمل نه ٿو ڪري سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ کان ٻاهر ويٺل ڪيترائي ماڻهو پنهنجي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن، اهي چاهين ٿا ته ملڪ ۾ انتشار پکڙجي، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ کي غلط ٽوئيٽ تي نوٽيس موڪليو، اين سي سي آءِ کي درخواست ڏني، هن اهو ٽوئيٽ ڊيليٽ ڪيو، ملڪ دشمني ڪوڙ ڳالهائڻ، حقيقتن جي ابتڙ تصويرون لڳائڻ ۽ بعد ۾ معافي وٺي ڇڏڻ انهن جو وطيرو بڻجي چڪو آهي، ملڪ دشمني جنهن به ڪئي آهي ان کي اهو صلو ملي ٿو جيڪو اڄ جيل ۾ بند شخص ڀوڳي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني سوشل ميڊيا ڀارت سان جنگ دوران اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڪستان جي بيانيي کي اڳتي کڻي هلي، ڪوڙ جي بيانيي کي شڪست ٿيندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته باني پي ٽي آءِ کي جيل ۾ ورزش جو سمورو سامان ۽ بهترين خوراڪ ميسر آهي. هن چيو ته وڏي وزير جو ڪم صوبي کي بند ڪرڻ نه آهي پر عوام جي خدمت ڪرڻ هوندو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف 10 سالن ۾ پنجاب جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن پي ٽي آءِ حڪومت اهڙي طرح وقت ضايع ڪيو ۽ اهو ئي ڪم ڪندي رهي ته ماڻهو هڪ ڏينهن انهن جي ڳچين ۾ هٿ وجهندا.

مزید خبریں