اسلام آباد -28 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار انٽرنيشنل فيڊريشن آف اڪائونٽنٽس (آءِ ايف اي سي) جي صدر زان بو سان ملاقات دوران مالياتي نظم ۽ ضبط، شفافيت ۽ موثر اقتصادي پاليسي سازي جي فروغ ۾ اڪائونٽنسي جي شعبي جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم اسحاق ڊار زان بو کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان انٽرنيشنل فيڊريشن آف اڪائونٽنٽس جي صدر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد -28 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار انٽرنيشنل فيڊريشن آف اڪائونٽنٽس (آءِ ايف اي سي) جي صدر زان بو سان ملاقات دوران مالياتي نظم ۽ ضبط، شفافيت ۽ موثر اقتصادي پاليسي سازي جي فروغ ۾ اڪائونٽنسي جي شعبي جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم اسحاق ڊار زان بو کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ کيس ٻڌايو ته جديد عالمي گهرجن خاص طور تي مصنوعي ذهانت جي بنياد تي ٿيندڙ تيز رفتار تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان کي پيشيواراڻي صلاحيتن جي مضبوط نظام جي ضرورت آهي. هن ڏکڻ ايشيائي فيڊريشن آف اڪائونٽنٽس (ايس اي ايف اي) جي خدمتن کي ساراهيندي آڊٽ جي معيار ۾ بهتري، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي مدد ۽ اخلاقي ۽ پائيداري بابت رپورٽنگ جي فروغ جي لاءِ آءِ اي ايف سي سان جاري تعاون کي خوش آئنده قرار ڏنو. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته پاڪستاني ماهرن کي نئين عالمي معيارن ۽ فني تبديلين جي لاءِ تيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي جنهن جي لاءِ آءِ ايف اي سي سان حصيداري وڌيڪ مضبوط بڻائي ويندي.











