اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس، ايس ڊي پي جي 49هين اجلاس ۾ پروگرام جي مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو

اسلام آباد  -28 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ اسٽيئرنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ايس ڊي جيز اچيومنٽ پروگرام (ايس ڊي پي) جي 49هين اجلاس ۾ پروگرام جي مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار اجلاس کي خطاب ڪندي مقامي ڪميونٽيز جي ڀرپور شموليت کي …

اسلام آباد  -28 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ اسٽيئرنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ايس ڊي جيز اچيومنٽ پروگرام (ايس ڊي پي) جي 49هين اجلاس ۾ پروگرام جي مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار اجلاس کي خطاب ڪندي مقامي ڪميونٽيز جي ڀرپور شموليت کي ضروري قرار ڏيندي چيو ته بنيادي ڍانچي جي ترجيحي منصوبن جي نشاندهي عوامي مشاورت سان ڪئي وڃي. هن زور ڏنو ته ايس اي پي جي فنڊز کي مڪمل شفافيت سان عوامي ڀلائي جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ته جيئن ترقياتي سرگرمين جا ثمر سڌوسنئون عام شهرين تائين پهچي سگهن. ان موقعي تي منصوبابندي، بين الصوبائي رابطا (آءِ پي سي)، مذهبي معاملن، پارلياماني معاملن وارن وفاقي وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاون، ڪابينا سيڪريٽري، ايڇ آر ڊي سيڪريٽري سميت صوبائي حڪومتن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں